لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ ڊي ايس پي عثمان حيدر طرفان مبينا طور زال ۽ ڌيءَ جي قتل جو واقعو پوليس آفيسرن لاءِ وڏي آزمائش بڻجي ويو آهي، جتي ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس مقتولن جي وارثن جي درخواست تي قتل جو ڪيس داخل نه ڪري سگهي آهي۔
پوليس جي اعليٰ آفيسرن ۾ ڊي ايس پي خلاف قلم 302 تحت ڪيس داخل ڪرڻ بابت شديد ٻڏتر جو شڪار آهي، جڏهن ته پوليس ۽ پراسيڪيوشن ٽي ڏينهن کان صلاح مشورن باوجود ڪنهن آخري نتيجي تي نه پهچي سگهيا آهن۔
گذريل ڏينهن پوليس مدعي عورت کي پراسيڪيوٽر جنرل وٽ پيش ڪيو، پر ٻن سرڪاري وڪيلن جي موجودگي باوجود ڪيس جي نوعيت تي ڪو فيصلو نه ٿي سگهيو۔ پوليس في الحال مدعي پارٽي جي درخواست به وصول نه ڪئي آهي، جنهن سبب مقتولن جي وارثن ۾ بيچيني وڌي وئي آهي۔
مقتول عورت ۽ ٻارڙي جي سڃاڻپ وارثن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ذريعي ٿي هئي، جڏهن ته پوليس وٽ هن وقت تائين صرف ڊي ايس پي عثمان حيدر جو اعترافي بيانموجود آهي۔ شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ موت جي حتمي سبب جو تعين به نه ٿي سگهيو آهي، ۽ پوليس اڃا تائين لارثن کي لاش به حوالي نه ڪيا آهن۔
مدعي عورت جو چوڻ آهي ته پوليس گذريل ٽن ڏينهن کان کين اعليٰ آفيسرن جا چڪر لڳرائي رهي آهي ۽ ڪنهن به قسم جي واضح معلومات نٿي ڏني وڃي ته آخر عثمان حيدر خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي۔

