واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي خاتونِ اول ۽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي گهرواري ميلاينا ٽرمپ تي ٻڌل ڊاڪيومينٽري فلم “ميلاينا” جو پهريون ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هوءَ پنهنجي ذاتي زندگي، اهم فيصلا ۽ وائٽ هائوس ۾ گذاريل وقت بابت کليل انداز ۾ ڳالهائيندي نظر اچي ٿي۔
MELANIA, the film, exclusively in theaters worldwide on January 30th, 2026. pic.twitter.com/n2kloQ4JwW
— MELANIA TRUMP (@MELANIATRUMP) December 17, 2025
ٽريلر ميلاينا ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي شيئر ڪيو، جنهن ۾ کيس وائٽ هائوس جي مختلف حصن ۾ هلندي، ايئر فورس ون ۾ سفر ڪندي، تقريبن ۾ شرڪت ڪندي ۽ ڪيترن ئي عوامي ۽ نجي لمحن ۾ ڏيکاريو ويو آهي۔
فلمي ڊيٽابيس آءِ ايم ڊي بي مطابق هي ڊاڪيومينٽري ٽرمپ جي ٻي صدارتي حلف برداري کان اڳ وارن 20 ڏينهن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ چونڊ مهم کان پوءِ جا جذباتي لمحات ۽ ٽرمپ خاندان جون نجي سرگرميون به شامل آهن۔
هي فلم ميلاينا ٽرمپ جي نئين پروڊڪشن ڪمپني “Muse Films” تحت تيار ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ان جا هدايتڪار هالي ووڊ جي مشهور ڊائريڪٽر بريٽ ريٽنر آهن، جيڪي ڊگهي وقفي کان پوءِ فلمي دنيا ۾ واپسي ڪري رهيا آهن۔
ايمازون ايم جي ايم اسٽوڊيوز فلم جا حق لڳ ڀڳ 40 ملين ڊالر ۾ حاصل ڪيا آهن، جيڪو ڪنهن به ڊاڪيومينٽري لاءِ وڏي ۽ مهانگي ڊيل سمجهي پئي وڃي۔
فلم 30 جنوري 2026 تي عالمي سطح تي سينما گهرن ۾ رليز ڪئي ويندي، جنهن کان پوءِ اها ايمازون پرائم وڊيو تي اسٽريمنگ لاءِ به دستياب هوندي۔
ميلاينا ٽرمپ جي ڪتاب “Melania” اڳ ئي نيويارڪ ٽائمز جي بيسٽ سيلر لسٽ ۾ شامل ٿي چڪي آهي، ۽ هي ڊاڪيومينٽري ان ڪتاب جو تسلسل قرار ڏنو پيو وڃي۔

