دنيا تبديل ٿي وئي آهي پر پاڪستان جا سياستدان اڄ به تبديل نه ٿيا آهن: مصطفيٰ ڪمال

Homeاهم خبردنيا تبديل ٿي...

 اهڙين حالتن ۾ به وفاق ۽ صوبائي حڪومتون هڪ ٻئي جي خلاف پوائينٽ اسڪورنگ ڪرڻ ۾ مصروف آهن: پي ايس پي سربراهه

ڪراچي (رپورٽر) پاڪ سرزمين پارٽي جي چيئرمين سيد مصطفي ڪمال چيو آهي ته ڪرونا وائرس جي جي ڪري پوري ملڪ جون حالتون سنگين ٿي رهيون آهن گذريل 11 ڏينهن ۾ ڪرونا وائرس تيزي سان پکيڙجي رهيو آهي. ٽن مهينن کان عوام کي حڪومت گمراهه ڪرڻ کان علاوهه ڪجهه به نه ڪيو آهي. قوم هاڻ حڪمرانن کان اميدون لڳائڻ بند ڪري ۽ ان سنگين صورتحال ۾ پنهنجي پيارن کي نااهل حڪمرانن جي رحم و ڪرم تي نه ڇڏي. اسان کي پنهنجي علائقي ۾ پنهنجي ماڻهن کي بچائڻو آهي اهو اسان جي مٿان فرض آهي. حالتون بهتر نه آهن خدانخواسته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ موت تيزي سان وڌي سگهي ٿو. هر يوسي جي سطح تي قرنطينه جي ضرورت پئجي سگهي ٿي.

هن چيو ته پي ايس پي جا سمورا ڪارڪن پنهنجي تياري اڄ کان ئي شروع ڪري ڇڏين ۽ ٻن ڏينهن جي اندر پنهنجو ڪم مڪمل ڪن ان جي لاءِ پنهنجي علائقي جا اسڪول هال نظر ۾ رکن ، حڪومت مان ڪابه اميد نه رکن. حڪومت جا ميمبر اڃا تائين ڪٿي نظر نٿا اچن. ڪرونا وڌيڪ پکڙجي ويو ته ٽي تي به نظر ڪونه ايندا. هر يونين ڪائونسل جي سطح تي جزوي اسپتالون ٺاهڻ پئجي سگهن ٿيون ، ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جون حياتيون داءُ تي لڳل آهن اڄ به چا ڊاڪٽر موت جي منهن ۾ هليا ويا اهڙين حالتن ۾ اسان جون حياتيون به هليون وينديون پر پي ايس پي جنهن وٺ اڄ هڪ ڪونسلر جي به سيٽ نه آهي اها عوام کي ائين مرڻ ڏسي نٿي سگهي. اسان الله جي مخلوق جي عبادت عين عبادت سمجهون ٿا اسان عوام جي خدمت عبادت سمجهي ڪري رهيا آهيون ۽ ڪندا رهنداسين ان جي لاءِ ڀلي اسان کي ڪهڙي به قرباني ڏيڻي پوي ان کان نه ڪيٻائينداسين.

ان چيو ته دنيا تبديل ٿي وئي آهي پر پاڪستان جا سياستدان اڄ به تبديل نه ٿيا آهن اهڙين حالتن ۾ به وفاق ۽ صوبائي حڪومتون هڪ ٻئي جي خلاف پوائينٽ اسڪورنگ ڪرڻ ۾ مصروف آهن اڍائي مهينا پهرين چيو هو ته وزير اعظم وزير اعلي ايم اين اي ، ايم پي ايز ۽ ڊپٽي ڪمشنرز کان به ڪرونا وائرس جو پکڙڻ ۽ ان جا اثرات نه روڪجي سگهندا. ان آزمائش کي منهن ڏيڻ ۽ ان مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو واحد ۽ اڪيلو رستو اهو آهي ته ڏيڍ لک بلدياتي نمائندن کي صدارتي آرڊيننس جي ذريعي سان ڪجهه مهينن جي لاءِ فعال ڪيو وڃي ۽ سمورن سياسي جماعتن جا ڪارڪن پنهنجي علائقي جي چونڊيل نمائند جي تحت ڪم ڪن ها ته ان آزمائش مان آساني سان نڪري سگهجي ها ڇو ته يو سي چيئرمين کي پنهنجي علائقي جي مڪمل تفصيلي معلومات هوندي آهي پر وزير اعظم عمران خان کي ته سياست ڪرڻي هئي ان جي لاءِ نئي ٽائيگر فورس ٺاهڻ جو اعلان ڪيو انهن خيالن جو اظهار ان ويڊيو لنڪ ۾ خطاب ڪندي ڪيو.

سيد مصطفي ڪمال جهاز حادثي تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ايترا ڏينهن گذرڻ جي باوجود جهاز حادثي جي شهيدن جا جنازا اڃاتائين لواحقين کي نه ملي سگهيا آهن مائرون ۽ ڀينرون در در جا ڌڪا کائي رهيون آهن حڪومت ڏکويل خاندانن کي تنگ نه ڪري ۽ انهن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري ۽ الله کان پنهنجي لاءِ آسانيون طلب ڪري.

ان وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي ڪيترائي مسئلا ارڙهين ترميم ۾ ترميم ڪري حل ڪري سگهجن ٿا جنهن ۾ پي ايف سي ايوارڊ جو اجرا به شامل آهي تان ته اختيارات ۽ وسائل هيٺين سطح تائين پهچي سگهن. قانوني اصلاحات جي ذريعي سان عوام کي هيٺين سطح تائين بااختيار بنائي ارڙهين ترميم جا ثمرات حاصل ڪري سگهجن ٿا اڌوري ترميم جي ڪري ملڪ کي فائدي جي بدران نقصان ٿي رهيو آهي. ان چيو ته آئون جڏهن اختيارات جي منتقلي جون ڳالهيون ڪريان ٿو ته سمجهيو وڃي ٿو ته مصطفي ڪمال صرف شهري علائقن جون ڳالهيون ڪري ٿو جڏهن ته حقيقت اها آهي ته آئون پوري پاڪستان جي هر علائقي ڪنڊ ۽ ڪڙڇ جي لاءِ چوان ٿو. پاڪستان جي ترقي جو راز بلدياتي نمائندن کي اختيارات ۽ وسائل جي منتقلي آهي.    

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});