ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني انٽيليجنس هڪ اهم ڪارروائي دوران وڏي ڪاميابي حاصل ڪندي داعش خراسان جي ترجمان کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
داعش خراسان (ISIS-K) جي ترجمان ۽ تنظيم جي سرڪاري ميڊيا وِنگ الاعظائم فائونڊيشن جي باني، خارجي دهشتگرد سلطان عزيز اعظّم کي پاڪستان جي ڳجهي اداري گرفتار ڪيو.
الاعظائم فائونڊيشن کي داعش خراسان جي ڀرتي ۽ پروپيگنڊا سرگرمين جو مرڪزي پليٽفارم سمجهيو ويندو آهي. عزيز اعظّم جي گرفتاري کان پوءِ تنظيم جون ميڊيا سرگرميون به معطل ٿي ويون.
ذريعن موجب تازن ڏينهن ۾ پاڪستان جي ڳجهن ادارن داعش خراسان خلاف ڪيترين ئي هاءِ پروفائل ڪارروائين ۾ اهم گرفتارين ڪيون آهن، جن ۾ سلطان عزيز اعظّم جي گرفتاري به شامل آهي.
گڏيل قومن جي ايناليٽيڪل سپورٽ سينڪشنز مانيٽرنگ ٽيم جي سورهين رپورٽ موجب پاڪستان جي ڪارروائين داعش خراسان جي عالمي سطح تي تنظيمي ڍانچي کي ڪمزور ڪيو آهي، ڪيترن ئي حملن جي منصوبن کي ناڪام بڻايو ويو آهي، ۽ گرفتارين کان پوءِ تنظيم جي ويڙهاڪن جي انگ ۾ به گهڻي قدر گهٽتائي آئي آهي.

