ڍاڪا ۾ احتجاجي باهه: شاگرد اڳواڻ عثمان هادي جي قتل کان پوءِ شهرن ۾ وڳوڙ

Homeاهم خبرڍاڪا ۾ احتجاجي...

سنگاپور (ويب ڊيسڪ) بنگلا ديش جي 2024 جي شاگرد احتجاجن جو اڳواڻ شريف عثمان هادي، جيڪو فائرنگ کان پوءِ زخمي حالت ۾ علاج لاءِ سنگاپور منتقل ڪيو ويو هو، علاج دوران فوت ٿي ويو۔ سنگاپور جي پرڏيهي وزارت بيان جاري ڪندي چيو ته ڊاڪٽرن جي پوري ڪوششن باوجود هادي زخمَن جا سور نه سهي سگهيو ۽ فوت ٿي ويو۔ 

بنگلا ديشي اخبار موجب، هادي جيڪو ايندڙ قومي چونڊن ۾ ڍاڪا-8 تڪ لاءِ امڪاني اميدوار طور ڏٺو پئي ويو، 12 ڊسمبر تي گاڌي واري هنڌ ڍاڪا ۾ رڪشي ۾ سفر دوران مٿس فائرنگ ڪري مٿي ۾ گولي هنئي وئي۔ حملو ڪندڙ موٽرسائيڪل تي سوار هو، جنهن کان پوءِ هادي کي فوري طور ڍاڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال منتقل ڪيو ويو۔

مقامي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته هادي جو دماغ سخت متاثر ٿيو هو، جنهن سبب کيس وڌيڪ علاج لاءِ 15 ڊسمبر تي سنگاپور جنرل اسپتال جي نيوروسرجري آءِ سي يو ۾ داخل ڪيو ويو۔

هادي جي عمر 32 سال هئي ۽ هو شاگردن جي احتجاجي گروپ انقلاب منچ جو سينيئر اڳواڻ هو۔ هو ڀارت جو سخت ناقد رهيو، جيڪو اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه جو ويجهو اتحادي رهيو آهي، ۽ حسينه هن وقت پاڻمرادو جلاوطني ۾ آهي۔

انقلاب منچ فيس بڪ تي اعلان ڪيو ته “هندستاني بالادستي خلاف جدوجهد ۾ الله وڏي انقلابي عثمان هادي کي شهيد قبول ڪيو آهي۔

پوليس هادي تي فائرنگ ڪندڙن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي۔ ٻن مرڪزي شڪين جون تصويرون جاري ڪيون ويون آهن ۽ انهن جي گرفتاري لاءِ پنج لک ٽڪا (تقريباً 42 هزار آمريڪي ڊالر) انعام جو اعلان ڪيو ويو آهي۔

پرڏيهي ميڊيا موجب، بنگلا ديشي اختيارين عثمان هادي جي قتل ۾ ملوث مرڪزي جوابدار جي سڃاڻپ فيصل ڪريم مسعود جي نالي سان ڪئي آهي، جڏهن ته سندس ساٿي موٽرسائيڪل هلائيندڙ شخص کي عالمگير شيخ طور سڃاتو ويو آهي۔

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});