اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت جنوري 2026 کان بند مقامي گيس جا کوهه ٻيهر کولڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، ڇو ته قطر اضافي سرپلس ايل اين جي ڪارگوز رد ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي۔
بند ٿيل گيس فيلڊز مان مقامي گيس جنوري کان سسٽم ۾ شامل ٿيڻ شروع ٿي ويندي۔ اهي فيلڊز ان وقت بند ڪيون ويون هيون، جڏهن پاور سيڪٽر جي استعمال نه ٿيڻ سبب ٻاهران گهرايل ايل اين جي سرپلس ٿي وئي هئي ۽ پائپ لائينز جي دٻاءَ کي بچائڻ لاءِ مقامي پيداوار روڪڻي پئي۔
پيٽروليم واري وزارت جي ذريعن موجب، قطر 2026 لاءِ 120 بدران 85 ڪارگوز فراهم ڪندو، جنهن سان مجموعي طور 35 ڪارگوز رد ٿينديون۔ ان ۾ پاڪستان ايل اين جي جا 24 ۽ اي اين آءِ جا 11 ڪارگوز شامل آهن، جن جي رد ٿيڻ سان لڳ ڀڳ 201 ارب رپين جي بچت ٿيندي۔
حڪام ٻڌايو ته سوئي ڪمپنين جي مالي ضرورت 850 ارب رپيا آهي، جيڪا هن بچت سان پوري ٿي ويندي۔ گيس سيڪٽر جو گردشي قرض 3100 ارب رپيا آهي، جنهن مان 1700 ارب اصل قرض ۽ 1400 ارب سود آهي۔ گردشي قرض جي اسٽاڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڇهن سالن جو پلان تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ٽي آپشن شامل آهن: پنج رپيا پيٽروليم ليوي جو لاڳو ٿيڻ، ڪمپنين جي ڊيوئنڊ ايڊجسٽمينٽ ۽ سود جي معافي۔ وفاقي ڪابينا کان هن پلان جي منظوري ورتي ويندي۔

