ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سب رجسٽرار آفس جمشيد ٽائون ۾ جائيدادن جي رڪارڊ ۾ وڏي پيماني تي جعلسازي جو انڪشاف ٿيو آهي۔ اعليٰ سطح جي انڪوائري ۾ 24 جعلي سيل ڊيڊز جي غير قانوني رجسٽريشن سامهون آئي آهي، جتي جعلي اسٽامپس، جعلي صحيح ۽ رڪارڊ ۾ ردوبدل ذريعي جائيدادن جي رجسٽريشن ڪئي وئي۔
چيف منسٽر انسپيڪشن ٽيم هن حوالي سان رپورٽ وزيراعليٰ سنڌ کي پيش ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته سب رجسٽرار آفيس مان رجسٽرز ۽ اهم سرڪاري رڪارڊ غائب ٿيڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي۔
پيشڪار منور علي ڌاريجو خلاف جعلي دستاويز ٺاهڻ جو مقدمو درج ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سب رجسٽرار آفيس جي عابد علي سومرو تي ڊيٽا ٽيمپرنگ ۽ ڊجيٽل رڪارڊ ۾ ردوبدل جو الزام آهي۔
انڪوائري ڪميٽي ملوث سمورن آفيسرن خلاف قانوني ۽ محڪمانه ڪارروائي جي سفارش ڪئي آهي۔ جعلي رجسٽريشن رد ڪرڻ جو اختيار صرف عدالتن وٽ آهي۔ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ زمينن جي رجسٽريشن جو نظام شديد خامين جو شڪار آهي، تنهنڪري نون قانونن ۽ ٽورينس سسٽم جي تجويز ڏني وئي آهي۔
اي رجسٽريشن لاءِ يونڪ پراپرٽي ڪوڊ متعارف ڪرائڻ ۽ سب رجسٽرار آفيسن جي سموري رڪارڊ جي ڊجيٽائيزيشن جي سفارش به ڪئي وئي آهي۔ رپورٽ ۾ وزيراعليٰ سنڌ کان سفارشون منظور ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي۔

