ڦر دوران89، فائرنگ ۾ 407، ٽريفڪ حادثن ۾830، 21 تشدد ٿيل ۽ 4 ٻوري بند لاش مليا، ڇري جي وار سان 43 قتل ٿيا
ڪراچي(ويب ڊيسڪ) گذريل سال 2025 ڪراچي جي رهواسين لاءِ انتهائي خوفناڪ ثابت ٿيو، جتي امدادي اداري چهيپا فائونڊيشن جي سالياني رپورٽ ۾ ڏکيا ۽ پريشان ڪندڙ انگ اکر سامهون آيا آهن۔
رپورٽ موجب جنوري کان ڊسمبر تائين ڦر دوران مزاحمت تي 89 ماڻهو پنهنجي جان وڃائي ويٺا، جڏهن ته ٽريفڪ حادثن ۾ 830 ماڻهو فوت ۽ 11 هزار 837 زخمي ٿيا۔
شهر ۾ فائرنگ جي مختلف واقعن ۾ مجموعي طور 407 ماڻهو مارجي ويا ۽ 1632 زخمي ٿيا۔ ساڳئي عرصي ۾ شهري تشدد جي نتيجي ۾ 14 ڦورو مارجي ويا ۽ 35 سخت زخمي ٿيا۔
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مختلف علائقن مان 21 تشدد ٿيل لاش ۽ 4 ٻوري بند لاشون به هٿ آيا۔ هڪ پٽاڪي جي فيڪٽري ۾ ڌماڪي سبب 5 ماڻهو سڙي فوت ۽ 31 زخمي ٿيا۔
سال دوران ڇريءَ جي وار سان 43 قتل ٿيا، گيس سلينڊر ڦاٽڻ سبب 11 فوت ۽ 40 زخمي ٿيا۔ ڇت تان ڪرڻ جي نتيجي ۾ 73 ماڻهو فوت ٿيا، جڏهن ته ڇت ڪرڻ جي واقعن ۾ 19 ماڻهو جان وڃائي ويٺا۔
ٽرين جي ٽڪر سان 51 ماڻهو فوت ٿيا، پاڻي ۾ ٻڏي وڃڻ جي واقعن ۾ 83 ماڻهو مارجي ويا۔ شهر ۾ سڙڻ جي واقعن ۾ 21 فوت ۽ 128 زخمي ٿيا، جڏهن ته ڪرنٽ لڳڻ سبب 131 موت ٿيا۔
مين هول ۾ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 13 ماڻهو فوت ٿيا۔ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سال 2025 ۾ 119 خودڪشي جا واقعا رپورٽ ٿيا، جڏهن ته 33 نون ڄاول ٻارن جا لاش مختلف هنڌن تان هٿ آيا۔
منشيات جي وڌيڪ استعمال سبب 381 مرد ۽ 5 عورتن جا لاش مليا، جن مان گهڻا لاوارث هئا۔

