بختاور ڪيڊٽ ڪاليج فار گرلز ۾ پنجهين پاسنگ آئوٽ پريڊ، فرسٽ ليڊي آصفه ڀٽو زرداري جو خطاب
سيوهڻ(رپورٽر) باختاور ڪيڊٽ ڪاليج فار گرلز ۾ پنجين پاسنگ آئوٽ پريڊ ۽ اينوئل پيرنٽس ڊي جي شاندار تقريب منعقد ٿي، جنهن ۾ فرسٽ ليڊي آصفه ڀٽو زرداري خاص مهمان طور شرڪت ڪئي ۽ شاگردياڻين کي مبارڪباد پيش ڪئي۔
فرسٽ ليڊي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته جيئن هوءَ اعتماد سان ڀريل نوجوان شاگردياڻين کي پنهنجي سامهون ڏسي رهي آهي، تيئن کيس پاڪستان جي انهن بهادر ۽ غير معمولي عورتن جي ياد اچي رهي آهي جن قوم جي تشڪيل ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔ هن چيو ته مادرِ ملت محترمه فاطمه جناح جي ايمانداري ۽ عزم پاڪستان لاءِ اخلاقي سهارو بڻيا، جڏهن ته شھيد محترمه بينظير ڀٽو دنيا جي پهرين مسلم خاتون وزيراعظم بڻجي تاريخ رقم ڪئي۔
آصفه ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان جي عورتن جي هيءَ بهادر روايت نوجوان نسل لاءِ مشعلِ راهه آهي، ۽ بختاور ڪيڊٽ ڪاليج فار گرلز جهڙا ادارا مستقبل جي ليڊرن کي تيار ڪري رهيا آهن، جيڪي نه رڳو سنڌ پر سڄي ملڪ جي خدمت ڪندا۔
تقريب ۾ شاگردياڻين پاران پريڊ، قومي گيت ۽ مختلف مظاهرا پيش ڪيا ويا، جڏهن ته والدين ۽ مهمانن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۔ فرسٽ ليڊي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته کيس پوري اميد آهي ته هي نوجوان شاگردياڻيون پنهنجي محنت، ايمانداري ۽ عزم سان ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون۔
تقريب جي آخر ۾ فرسٽ ليڊي شاگردياڻين کي سندن ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان جي مستقبل کي روشن ڪرڻ لاءِ عورتن جو اڳڀرو ڪردار انتهائي اهم آهي۔

