اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي قائمہ ڪميٽي براءِ مواصلات جي اجلاس ۾ وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ سينيٽر پلوشه خان وچ ۾ تلخ جملن جو ڏي وٺ ٿي ۽ ٻنهي هڪ ٻئي خلاف سخت موقف اختيار ڪيو۔
A Khan: How dare you?
P Khan: How dare you?
A Khan: How dare you?
P Khan: How dare you?
….continues in next world pic.twitter.com/PhhLbWGZoV— Ammar Solangi (@fake_burster) December 19, 2025
اجلاس دوران اهو تڪرار تڏهن شروع ٿيو جڏهن سينيٽر پلوشه خان وزارت جي ڪارڪردگي ۽ هڪ روڊ بابت سوال ڪيو۔
اجلاس ۾ وفاقي وزير چيو ته “دنيا جا سڀ بي ايمان هتي گڏ ٿيل آهن”، ۽ پلوشه خان کي مخاطب ڪندي چيو: “مان تنهنجا ڪرتوت سڀني جي سامهون آڻيندس، توکي مون سان اهڙي ڳالهه ڪرڻ جي جرئت ڪيئن ٿي؟”
سينيٽر پلوشه خان چيو ته سوال ڪرڻ تي وزير تپي ويو ڇاڪاڻ ته هو شرمندگي محسوس ڪري رهيو هو۔ هن مطالبو ڪيو ته وفاقي وزير جي رويي بابت ڪميٽي رولنگ ڏئي۔
اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر پلوشه خان چيو ته جيڪڏهن وفاقي وزير منهنجي ذات تي ڳالهائڻ چاهي ٿو ته ڳالهائي، پر هن روئي بابت رولنگ ضرور ڏني وڃي۔

