اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تحريڪ تحفظِ آئين پاڪستان جي قومي ڪانفرنس ۾ سياسي اڳواڻن، وڪيلن، صحافين، دانشورن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي، جتي گڏيل طور تي فيصلو ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ کي مفاهمت بدران مزاحمت جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ سڀ گڏجي ان جو ساٿ ڏيندا. ڪانفرنس ۾ سياسي اڳواڻن آئين ۾ ڪيل ترميمن کي رد ڪيو ۽ پارليامينٽ کي بياختيار ڪرڻ جي مذمت ڪئي، وڪيلن عدليه کي بيحيثيت ڪرڻ خلاف آواز بلند ڪيو ۽ صحافين پيڪا ايڪٽ خلاف احتجاج ڪيو.
تحريڪ تحفظِ آئين پاڪستان جي سربراهه محمود خان اچڪزي خطاب ڪندي چيو ته اچو ته هڪ ٻئي کي معاف ڪري ملڪ کي بربادي مان ٻاهر ڪڍون، جهموري ڊائلاگ لاءِ تيار آهيون، عمران خان سان ملاقات جي اجازت ڏني وڃي، فيملي ۽ اڳواڻن سان ملاقات جو حق ضرور ملڻ گهرجي. هن چيو ته 8 فيبروري جي اليڪشن ۾ جيڪو به کٽي، ان کي مينڊيٽ ڏنو وڃي، ڪرپشن جي رپورٽ سامهون آئي آهي، ادارن کي سياست ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي.
سينيئر سياستدان جاويد هاشمي چيو ته جيلون ۽ قربانيون ئي آزادي جو سبب بڻجن ٿيون، حق جدوجهد سان ملن ٿا، پوئتي هٽڻ سان نه، قوم کي ورهائڻ واري ڳالهه قبول نه آهي. سلمان اڪرم راجا چيو ته توشه خانه ٽو ڪيس جو اوچتو فيصلو آيو، اهو ڪنهن هڪ جماعت جو نه پر قومي مسئلو آهي، ظلم کي ظلم چوڻو آهي ۽ هر پاڪستاني تائين اهو پيغام پهچائڻو آهي، باني پي ٽي آءِ جو پيغام آهي ته قوم اسٽريٽ موومينٽ لاءِ تيار رهي.
اسد قيصر چيو ته هاڻي ڪو آپشن باقي نه رهيو، رستا صرف مزاحمت جا آهن، باني پي ٽي آءِ لاءِ ميرٽ مطابق انصاف گهرجي. جماعت اسلامي جي اڳواڻ لياقت بلوچ چيو ته قومي محاذ تي غيرجانبدار چونڊن لاءِ قومي آواز کي طاقتور بڻائڻو آهي، آئين ۾ بدنظمي سان ڪيل ترميمن کي واپس ڪرڻو پوندو، عدليه جي آزادي سلب ٿي وئي آهي. ايمان مزاري چيو ته پي ٽي آءِ عوامي مينڊيٽ سان مقبول جماعت آهي، ظالم جي سامهون مفاهمت نه پر مزاحمت ڪرڻي آهي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ مزاحمت جو فيصلو ڪري ته سڀ گڏ بيهنداسين.
پي ٽي آءِ جي چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو ته اسان جو مينڊيٽ ۽ مخصوص سيٽون کسيون ويون، عدليه تي دٻاءُ وڌو ويو، باني پي ٽي آءِ ۽ ڪروڙين ووٽر مزاحمت يا ڳالهين جو فيصلو محمود اچڪزي ۽ راجا ناصر تي ڇڏين ٿا. سهيل آفريدي چيو ته عمران خان ۽ سندس زال بيگناهه آهن، انهن خلاف هٿ ٺوڪيا ڪيس ٺاهيا ويا، هي جهموريت جي مضبوط ڪرڻ جي جنگ آهي. صحافي مطيع الله جان چيو ته ملڪ ۾ اعلانيه مارشل لا لڳل آهي، بلڪل ضيا دور جيان، ميڊيا ۽ عدالتون مڪمل ڪنٽرول هيٺ آهن.
اڳوڻي سينيٽر مشتاق چيو ته هر شهر، گهٽي، چوڪ ۽ پريس ڪلب ۾ مزاحمت جي ضرورت آهي، صحافين کي جيل ۾ وجهڻ ۽ اختلاف کي دٻائڻ جي مذمت ڪريون ٿا. تقريب ۾ ٻين اڳواڻن ۽ وڪيلن به خطاب ڪيو ۽ مفاهمت بدران مزاحمت جو رستو اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو.
سينيئر صحافي حبيب اڪرم چيو آهي ته صحافت تي پابنديون لڳل آهن، اڄ اسان تي پيڪا ايڪٽ لاڳو آهي ۽ هي ايڪٽ به ساڳي حڪومت جي ايوانن مان آيو آهي. هن چيو ته هر طرف هڪ ورهاست پيدا ڪئي وئي آهي، ادارن ۽ سياستدانن جي وچ ۾ ويڇا ايترا وڌي ويا آهن جو ان کي گهٽائڻ وارو ڪو موجود ناهي. حبيب اڪرم جو چوڻ هو ته هاڻي اهو طئي ڪرڻو پوندو ته ڇا واقعي اسان وٽ ڪو رستو بچيو آهي يا اسان کي وڙهڻو ئي پوندو، ڇا ملڪ اهڙي صورتحال جو بار کڻي سگهندو؟ يا ڪا ٻي صورت موجود آهي جنهن سان اڳتي وڌي سگهجي؟ هن زور ڏنو ته ان تي سنجيدگي سان ڳالهائڻ جي ضرورت آهي.
محسن داوڙ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان 78 سالن کان هڪ ئي دائري ۾ ڦرندا پيا آهيون. عمران خان خلاف سزا ڪا نئين ڳالهه ناهي، اهڙا فيصلا اڳ به ڏٺا ويا آهن. هن چيو ته توشه خانه ڪنهن جي هٿ ۾ آهي، اهو سڀني کي خبر آهي، ان ۾ ڪا نئين ڳالهه ناهي، رڳو متاثر ٿيندڙ ڌر بدلجندي رهي ٿي.

