والد تي تشدد جهڙا حربا آزمائي رهيا آهن، عمران خان جي پٽن جو حڪومت تي الزام

Homeاهم خبروالد تي تشدد...

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پٽن الزام لڳايو آهي ته سندن والد کي قيد دوران اڪيلائي ۾ رکيو ويو آهي ۽ ناقص کاڌو ڏنو پيو وڃي، جيڪي تشدد جهڙا حربا آهن. 

عمران خان جا ٻئي پٽ، قاسم خان ۽ سليمان خان، برطانوي صحافي مهدي حسن کي انٽرويو ڏنو، جنهن ۾ هنن پنهنجي والد جي قيد بابت سوالن جا جواب ڏنا.

سليمان خان ٻڌايو ته عمران خان سان آخري ڀيرو ڳالهه هن سال جولاءِ جي آخر ۾ ٿي هئي. پاڪستان جي عدالت اسان کي هفتيوار ڪال جي اجازت ڏي ٿي پر ٻن سالن کان ان تي عمل نه ٿيو آهي.

قاسم خان چيو ته مون کي لڳ ڀڳ ٽي مهينا اڳ، سيپٽمبر ۾، 5 کان 6 منٽن لاءِ ڳالهائڻ جو موقعو مليو هو.

آخري ملاقات بابت سوال تي سليمان خان ٻڌايو ته جڏهن نومبر 2022 ۾ عمران خان کي گولي لڳي هئي، تڏهن هو هڪ هفتي لاءِ پاڪستان ويو هو ۽ اها ئي آخري ملاقات هئي.

ميزبان عمران خان جي ٻنهي پٽن کان عظميٰ خان جي 2 ڊسمبر واري ملاقات بابت پڇيو ۽ حڪومتي عهديدارن جو حوالو ڏنو ته عمران خان سان شهزادن جهڙو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو. ان تي قاسم خان چيو ته اهو سچ نٿو ٿي سگهي، منهنجي خيال ۾ هن کي 6 فٽ کان 8 انچ جي سيل ۾ رکيو ويو آهي جتي مشڪل سان بيهي سگهجي ٿو، ته پوءِ اها شهزادن جهڙي سهولت ڪيئن ٿي سگهي ٿي.

هن چيو ته حالتون خراب آهن، صفائي لاءِ پاڻي گندو آهي ۽ کاڌو به ناقص آهي، ڇو ته هو ڪنهن کان شڪايت نٿو ڪري پر ظاهر آهي ته کاڌو خراب آهي. شهزادي واري آسائشون ڪوڙ آهن، ۽ آخري ڀيرو ٻڌايو ويو ته هو سخت ڪاوڙ ۾ ۽ ناخوش هئا.

هن چيو ته عمران خان کي مڪمل تنھائي ۾ رکيو ويو آهي، گارڊن سان ڳالهائڻ جي به اجازت ناهي، کين انسانن کان بلڪل پري رکيو ويو آهي ۽ ڪنهن سان ملڻ نٿو ڏنو وڃي.

قاسم خان چيو ته هي سڀ کين ٽوڙڻ جون ڪوششون آهن ۽ واضح طور تي تشدد جا حربا آهن.

فيلڊ مارشل بابت ٽوئٽ تي سوال ڪيو ويو ته سليمان چيو ته والد اهڙو ڪندا آهن، اهو سندن ڪردار آهي ۽ اسان عادي ٿي ويا آهيون، ڇو ته هو ٻه ڀيرا انتهائي خطري ۾ رهيا آهن. قاسم چيو ته هو خطرا وٺندا آهن، جيڪي اسان ننڍپڻ ۾ سمجهي نه سگهندا هئاسين.

وزيراعظم جي ترجمان جو ردعمل

وزيراعظم شهباز شريف جي ترجمان مشرف زيدي عمران خان جي پٽن جي انٽرويو تي ردعمل ڏيندي چيو ته عمران خان سيل ۾ ناهن، هڪ قيدي طور سندن سيڪيورٽي ۽ خيال رکڻ رياست جي ترجيح آهي، کين الڳ ڪوارٽر ڏنا ويا آهن.

ترجمان ٻڌايو ته عمران خان کي پنهنجي جم جي سهولت، آئوٽ ڊور لان، انفرادي واک لاءِ جاءِ ۽ ڪتابن پڙهڻ لاءِ الڳ جاءِ ڏني وئي آهي. اهي سهولتون ڪنهن ٻئي قيدي کي حاصل ناهن.

هن چيو ته عمران خان جي حامين ۽ ٻارن کي غلط معلومات ڏني پئي وڃي، ڇو ته هو جتي سمهندا آهن ان جاءِ کان ٻاهر لڳ ڀڳ 6 ڪلاڪ گذاريندا آهن. کين هڪ بورچي ۽ هڪ ميڊيڪل آفيسر ڏنو ويو آهي، جيڪو جيل ۾ ڏنل هر کاڌي کي چيڪ ڪري ٿو.

مشرف زيدي چيو ته عمران خان جي ٻارن کي قانوني حيثيت مطابق اهي سڀ سهولتون ڏنيون وينديون جيڪي پاڪستان جو دورو ڪندڙن کي ملن ٿيون. اسان کي اميد آهي ته ٻارن کي والد سان ملڻ جو موقعو ملندو، پر لڳ ڀڳ واضح آهي ته سندن والد ۽ سياسي ڪارڪن ٻارن جي دوري کي سياسي ايونٽ بڻائي ان جو غلط استعمال ڪندا.

مشرف زيدي چيو ته اهڙي صورت ۾ مقامي انتظاميا هجوم کي منتشر ڪرڻ لاءِ ضروري قدم کڻندي ۽ يقيني بڻائيندي ته سياسي سرگرمي انتشار ۽ قانون جي ڀڃڪڙي جو سبب نه بڻجي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});