ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي هڪ پوڊڪاسٽ جو ڪلپ وڏي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي، جنهن ۾ اي ايس پي شهربانو نقوي ڳالهه ٻولهه دوران اوچتو فون ڪال اچڻ تي انٽرويو ڇڏي رواني ٿي. هن ميزبان کي ٻڌايو ته هڪ قتل جو واقعو پيش آيو آهي ۽ کيس فوري طور وڃڻو پيو.
پوڊڪاسٽ ۾ ڏيکاريو ويو ته شهربانو نقوي هڪ ڪلاڪ بعد واپس اچي ٿي ۽ انٽرويو ساڳئي جڳهه کان ٻيهر شروع ٿئي ٿو. ميزبان سندس پيشه ورانه ذميواري کي ساراهيندي پڇي ٿو ته ان دوران ڇا ٿيو، جنهن تي هوءَ ٻڌائي ٿي ته قتل جو معاملو هو. وڌيڪ وضاحت ڪندي هن ٻڌايو ته دفاع واري علائقي ۾ مالي تڪرار سبب هڪ شخص پنهنجي دوست کي قتل ڪيو ۽ مقتول جي گهر وارن کي يرغمال بڻايو. مقتول جي مائٽن جي واپسي تي صورتحال ظاهر ٿي ۽ پوليس اطلاع ملڻ بعد جوابدار کي گرفتار ڪيو.
کسی مہذب معاشرے میں ایک پولیس افسر یہ ناٹک کرتی تو اُسے نا صرف برطرف کیا جاتا بلکہ جیل ہو جاتی ! ایک گھنٹے میں FIR نہیں لکھی جاتی اس نے نا صرف قاتل پکڑ لیا وجہ قتل اور ساری کہانی میڈیا پر بتا دی عدالتیں جس کام میں سالوں لگا دیتی ہیں اس نے ایک گھنٹے میں کر دیا ۔۔ واہ دی دی واہ pic.twitter.com/1loxSxQGWV
— AliZai Vlogs (@alizaihere) December 21, 2025
هي حصو پوڊڪاسٽ ۾ ٿوري وقت لاءِ ڏيکاريو ويو، پر اهو ئي ڪلپ سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي ويو. ڪيترن ئي ماڻهن طنزيه تبصرا ڪندي لکيو ته اي ايس پي شهربانو هڪ ڪلاڪ ۾ قتل ڪيس حل ڪري ڏيکاريو، جيڪو غير معمولي رفتار آهي. ڪجهه ماڻهن سنجيدگي سان سوال اٿاريو ته ڇا هڪ ڪلاڪ ۾ گرفتاري ۽ مڪمل ڪهاڻي سامهون اچڻ ممڪن آهي؟
ٻئي طرف ڪيترن ئي ماڻهن شهربانو نقوي جي حمايت ڪندي چيو ته هن ڊيوٽي کي ذاتي مصروفيت تي ترجيح ڏني، جيڪا قابلِ تحسين آهي. سندن چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ٻئي آفيسر کي اهڙي اطلاع ملي ها ته شايد هو ماتحت عملدارن کي هدايتون ڏئي معاملو نمٽائي ڇڏي ها، پر شهربانو نقوي پاڻ وڃي ذميواري نڀائي.
اي ايس پي شهربانو نقوي طرفان هن معاملي تي ڪا وضاحت يا ردعمل سامهون نه آيو آهي، پر سوشل ميڊيا تي جاري بحث هن پوڊڪاسٽ کي هڪ معمولي انٽرويو کان وڌائي تڪراري موضوع ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.

