ڪراچي(ويب ڊيسڪ) قومي ايئرلائن پي آءِ اي جي نجڪاري جو عمل مڪمل ٿي ويو آهي، جنهن ۾ عارف حبيب ڪنسورشيم سڀ کان وڏي ٻولي ڏيندي ادارو حاصل ڪري ورتو. رپورٽن موجب نجڪاري ڪميشن بورڊ جي آخري مرحلي ۾ عارف حبيب ڪنسورشيم پنهنجي ؓولي 121 ارب رپين کان وڌائي 135 ارب رپيا ڪئي، جنهن تي کيس پي آءِ اي جي خريداري جو اهل قرار ڏنو ويو.
لڪي سيمنٽ ڪنسورشيم به مقابلي ۾ رهيو ۽ پنهنجي بولي وڌائي 134 ارب رپيا تائين پهچائي، پر هڪ ارب جي فرق سبب ادارو حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. ايئر بليو گروپ به عمل ۾ شامل هو، جڏهن ته فوجي فرٽيلائزر ڪمپني وچ مان هٿ کڻي ويو وئي.
حڪومتي منصوبي تحت پي آءِ اي جا 75 سيڪڙو شيئرز وڪرو ڪيا ويندا، جڏهن ته باقي 25 سيڪڙو خريدڻ لاءِ ڪامياب ٻولي ڏيندڙ کي 90 ڏينهن جي مهلت ڏني ويندي. گذريل سال حڪومت پي آءِ اي جا 654 ارب رپيا واجبات پنهنجي ذميواري ۾ ورتا هئا، جنهن بعد نجڪاري جو عمل وڌيڪ پرڪشش بڻيو.
نجڪاري ڪميشن موجب حاصل ٿيندڙ رقم مان 92.5 سيڪڙو سيڙپڪاري لاءِ پي آءِ اي ۾ استعمال ٿيندو، جڏهن ته باقي 7.5 سيڪڙو حڪومت کي منتقل ڪيو ويندو. ممڪن خريدار کي ايندڙ پنجن سالن دوران 80 ارب رپيا سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي ته جيئن ادارو پنهنجن پيرن تي بيهي سگهي.
شرطن موجب نون مالڪن کي موجوده ملازمن جي پگهار ۽ مراعتون جاري رکڻيون پونديون، جڏهن ته ملازمن کي هڪ سال تائين نوڪري جو تحفظ ڏنو ويندو. پينشن ۽ ريٽائرمنٽ جون سهولتون هولڊنگ ڪمپني جي ذميواري هوندي.
وزيراعظم جي نجڪاري بابت صلاحڪار محمد علي چيو ته حڪومت جو مقصد صرف وڪرو نه پر پي آءِ اي کي ٻيهر هڪ بهترين ايئرلائن بڻائڻ آهي، جنهن لاءِ شفاف ۽ منظم سيڙپڪاري ضروري آهي. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب به ڪامياب عمل تي ٽيم کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته “جيڪو به جِتي، اها فتح پاڪستان جي هوندي.”

