وفاقي حڪومت بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي دٻاءَ هيٺ ڪڻڪ جي خريداري واري عمل مان نڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي۔
ذريعن موجب اربع ڏينهن ٻڌايو ويو آهي ته وفاقي حڪومت ۽ صوبا هاڻي رڳو هنگامي ضرورتن لاءِ ڪڻڪ جو ذخيرو رکندا. گڏيل طور وفاق ۽ صوبا سالياني بنياد تي 6.2 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ذخيرو ۾ رکندا.
ذريعن ٻڌايو ته وفاقي حڪومت 1.5 ملين ميٽرڪ ٽن، پنجاب 2.5 ملين، سنڌ 1 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ذخيرو ۾ رکندو. خيبر پختونخواهه 7 لک 50 هزار ٽن جڏهن ته بلوچستان 5 لک ٽن ڪڻڪ رکندو. وفاق ۽ صوبن لاءِ ڪڻڪ جي خريداري نجي ڪمپني ذريعي ڪئي ويندي.
صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي ذريعن موجب، نجي ڪمپني خريداري لاءِ فنانسنگ ۽ ذخيريداري جي ذميوار هوندي، جڏهن ته وفاقي حڪومت صرف سروس چارجز ادا ڪندي. ان قدمن سان حڪومت کي سالياني طور 570 ارب رپين جي بچت جو اندازو لڳايو ويو آهي. قومي خوراڪ تحفظ واري وزارت سروس چارجز لاءِ 30 ارب رپيا مختص ڪيا آهن.
ڪڻڪ جي سپورٽ پرائس تي ڪا به سبسڊي نه هوندي، جڏهن ته اگهه عالمي مارڪيٽ جي مطابق مقرر ڪيا ويندا. قومي خوراڪ تحفظ واري وزارت عالمي معيار کي نظر ۾ رکندي اگهه طئي ڪندي.
آءِ ايم ايف وفاقي حڪومت کي ڪڻڪ جي سپورٽ پرائس مقرر ڪرڻ کان به روڪي ڇڏيو آهي. اڳ ۾ وفاقي حڪومت ڪڻڪ جي خريداري لاءِ بئنڪ گارنٽيون فراهم ڪندي هئي ۽ پاسڪو (PASSCO) خريداري ڪندو هو. پاسڪو کي ادائگين ۾ دير سبب خوراڪ واري شعبي ۾ سرڪلر ڊيٽ 270 ارب رپين تائين پهچي چڪي آهي۔

