فوج ۽ عوام ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

HomeFeatured Newsفوج ۽ عوام...

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)  پاڪ فوج واضح ڪيو آهي ته دهشتگردي، ڏوهن ۽ سياسي مفادن جي وچ ۾ ڪنهن به قسم جو ڳٺهه جوڙ قبول نه ڪيو ويندو ۽ ڀارتي سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ سڀ دهشتگرد، انهن جا سهولتڪار ۽ مددگار بغير ڪنهن رعايت جي فيصلائتي ڪارروائيءَ جو نشانو بڻبا. فوجي قيادت زور ڏنو آهي ته فوج ۽ عوام جي وچ ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ جي ڪنهن کي به هرگز اجازت نه ڏني ويندي.

آءِ ايس پي آر جي جاري ڪيل بيان موجب، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊي فنس فورسز فِيلڊ مارشل عاصم منير جي صدارت هيٺ 273هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي. اجلاس جي شروعات ۾ فوجي اهلڪارن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ تازين دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ بيگناهه شهرين لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي.

فورم ۾ شرڪت ڪندڙن انهن شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي جن پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري مادرِ وطن جو دفاع ڪيو. چيف آف ڊي فنس فورسز پاڪ فوج جي بهادري، پيشيوراڻي مهارت ۽ قربانين کي ساراهيو.

آرمي چيف ۽ چيف آف ڊي فنس فورسز ملڪ ۾ انٽيليجنس بنياد تي ٿيندڙ دهشتگردي مخالف ڪارروائين ۾ فوج جي پرعزم ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته حڪومت ۽ فوج جي گڏيل ڪوششن ۽ عوام جي ثابت قدميءَ سان پاڪستان آهستي آهستي پر يقيني طور استحڪام، وڌيڪ موقعن ۽ عزت ڏانهن وڌي رهيو آهي.

ڪانفرنس ۾ اندروني ۽ بيروني سلامتيءَ جي صورتحال جو جامع جائزو ورتو ويو ۽ شرڪت ڪندڙن زور ڏنو ته ڀارتي سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ سڀ دهشتگرد ۽ انهن جا مددگار بغير ڪنهن رعايت جي ختم ڪيا ويندا. فورم واضح ڪيو ته قومي اتحاد، سلامتي ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي، ڀلي اهي سياسي عنصر هجن يا ٻيا.

ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس بلوچستان حڪومت جي خاص ترقياتي قدمن کي ساراهيو، جيڪي مقامي سطح تي عوام کي بااختيار بڻائڻ ۽ سماجي رابطن ذريعي دهشتگرديءَ جا سبب ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي رهيا آهن. شرڪت ڪندڙن زور ڏنو ته قومي ايڪشن پلان تحت ٻين علائقن ۾ به اهڙا عوامي قدم کڻڻ ضروري آهن ته جيئن پائيدار امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي.

ڪانفرنس ۾ ڪشميري عوام جي حقِ خوداراديت ۽ سندن جائز جدوجهد لاءِ پاڪستان جي ثابت قدميءَ جو عزم ڪيو ويو، جڏهن ته فلسطين جي مسئلي تي پاڪستان جي اصولي موقف جي به تصديق ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب، فورم غزه ۾ فوري ۽ مستقل جنگبندي، بنا رڪاوٽ انساني امداد جي رسائي ۽ فلسطيني رياست لاءِ هڪ قابلِ اعتماد رستي جو مطالبو ڪيو.

اجلاس جي آخر ۾ آرمي چيف ۽ چيف آف ڊي فنس فورسز ڪمانڊرز کي هدايت ڪئي ته آپريشنل تياري، نظم و ضبط، تربيت، جسماني فٽنس، جدت ۽ جنگي ميدان ۾ پيشيوراڻي مهارت جي اعليٰ معيار کي برقرار رکيو وڃي. فوجي قيادت پاڪ فوج جي قومي خودمختياري ۽ علاقائي سالميت جي تحفظ لاءِ مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته فوج روايتي ۽ غير روايتي کان وٺي هائبرڊ ۽ غير متناسب خطرن تائين هر قسم جي چيلينجن جو مؤثر مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});