ڪراچي(ويب ڊيسڪ) گلستانِ جوهر مان هڪ ڪروڙ رپين جي ماليت واري قيميتي گاڏي فارچونر ڦُر ڪئي وئي، جنهن جي واردات جي سي سي ٽي وي فوٽيج سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.
اطلاع موجب، پوليس لائٽس لڳل اڇي ڪرولا ۽ پوليس پي ڪيپ هڪ ڀيرو ٻيهر واردات ۾ استعمال ٿي. واقعي اڄ صبح لڳ ڀڳ ڇهين وڳي پيش آيو. فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته فارچونر گاڏي رڪجڻ شرط مبينا پوليس ڪار مان هٿياربند نڪري آيا ۽ پاڻ کي اي وي ايل سي پوليس طور متعارف ڪرايو.
ملزمان ڪار جي مالڪ کي گاڏي سميت گلستانِ جوهر مان اغوا ڪيو ۽ پوءِ کيس اسڪيم 33 ۾ گاڏي مان لاهي، فارچونر کڻي فرار ٿي ويا.

