هلندڙ سال ڀارتي پرڏيهي پاليسي جي شرمناڪ ناڪامين جو سال

HomeFeatured Newsهلندڙ سال ڀارتي...

ڪراچي: 2025ع جو سال ڀارت لاءِ پرڏيهي پاليسي جي لحاظ سان بدترين سفارتي شرمندگي جو سال ثابت ٿيو، جتي عالمي سطح تي ڀارت کي بار بار ناڪامي کي منهن ڏيڻو پيو. ڀارتي اخبار دي هندو پنهنجي تجزيي ۾ 2025ع کي ’’واعدن جي وکرڻ‘‘ جو سال قرار ڏنو ۽ لکيو ته علامتي سفارتڪاري، ذاتي لاڳاپا ۽ بيانيه سازي معاشي، عسڪري ۽ سفارتي طاقت جو نعم البدل نه بڻجي سگهي. اخبار موجب ڀارت نه رڳو پاڻ سان پر پنهنجي ڀائيوارن سان به اهڙا واعدا ڪيا جن تي عملدرآمد لاءِ ان وٽ اثر رسوخ ۽ قوت موجود نه هئي. 

امريڪا سان لاڳاپن ۾ 25 سيڪڙو ٽيريف، روسي تيل تي پابنديون ۽ H-1B ويزا تي پابندي ڀارت لاءِ سخت ترين سال ثابت ٿيون. نئين آمريڪي نيشنل سيڪيورٽي اسٽرٽيجي ۾ ڀارت جو ڪردار محدود ڪيو ويو. چين ۽ روس سان اعليٰ سطح ملاقاتن باوجود لائن آف ايڪچوئل ڪنٽرول تي ڪا به سيڪيورٽي اڳڀرائي نه ٿي، سيڙپڪاري جون رڪاوٽون برقرار رهيون ۽ ڀارت رڳو علامتي موجودگي تائين محدود رهيو. توانائي شعبي ۾ آمريڪي دٻاءَ سبب ڀارت کي روسي تيل بابت پنهنجو موقف تبديل ڪرڻو پيو.

دي هندو پهلگام فالس فليگ آپريشن کي سنگين سيڪيورٽي ناڪامي قرار ڏنو ۽ لکيو ته عالمي سطح تي ڀارت کي عسڪري ڪارروائين لاءِ حمايت نه ملي. جهازن جي نقصان تي خاموشي به ڀارت جي ساک کي سخت ڌچڪو پهچايو. سعودي-پاڪستان دفاعي معاهدو به ڀارت لاءِ هڪ اضافي ڌچڪو ثابت ٿيو.

اخبار موجب ڀارتي تجزيه نگار هاڻي پاڪستاني قيادت کي سخت گير ۽ منظم صلاحيت رکندڙ تسليم ڪرڻ لڳا آهن، جڏهن ته ڀارت ۽ بنگلاديش جا لاڳاپا تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ تڪراري سطح تي پهچي ويا آهن. آخر ۾ دي هندو خبردار ڪيو ته ڀارت ’’وشو گرو‘‘ جي بيانيي مان نڪري ’’وشو وڪٽم‘‘ جي طرف وڌي رهيو آهي ۽ ٻين کي الزام ڏيڻ حقيقت پسند پاليسي سازي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻجي رهيو آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته اخبار جو اعتراف پاڪستان جي موقف جي تصديق ڪري ٿو ته ڀارت جي خارجا پاليسي گهڻو ڪري آپٽڪس تي ٻڌل رهي آهي، عملي نتيجن تي نه. ڀارت هاڻي آمريڪا لاءِ ناگزير اسٽريٽجڪ شريڪ نه رهيو، جنهن سان پاڪستان جي موقف کي تقويت ملي ٿي. ڪجهه ملڪن پاران پاڪستاني عسڪري ڪارروائين جي حمايت ڀارت جي سفارتي ناڪامي کي واضع ڪري ٿي. پاڪستاني قيادت جي صلاحيتن جي اعتراف سان ڀارت جو اهو دعويٰ به رد ٿي وڃي ٿو ته پاڪستان عالمي سطح تي ڪمزور يا اڪيلو آهي. ماهرن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڀارت کي بنگلاديش ۾ اقليتن بابت تشويش ظاهر ڪرڻ کان اڳ پنهنجي ملڪ ۾ اقليتن تي ٿيندڙ حملن کي روڪڻ گهرجي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});