اڳوڻي ناڻي واري وزير ۽ گورنر اسٽيٽ بئنڪ ڊاڪٽر شمشاد اختر لاڏاڻو ڪري وئي

Homeاهم خبراڳوڻي ناڻي واري...

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ناليواري معاشيات جي ماهر، ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي پهرين عورت گورنر ڊاڪٽر شمشاد اختر لاڏاڻو ڪري وئي. رپورٽن موجب سندن جناز نماز سڀاڻي نمازِ ظهر کان پوءِ ڪراچي ۾ ادا ڪئي ويندي.

ڊاڪٽر شمشاد اختر جنوري 2006ع ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي 14هين گورنر طور ذميواري سنڀالي ۽ ملڪ جي تاريخ ۾ پهرين عورت گورنر بڻجي قومي مالي ادارن ۾ نئون باب کوليو. بينڪنگ ۽ مالي پاليسين ۾ سندن قومي ۽ عالمي سطح تي وسيع تجربو رهيو.

اسٽيٽ بئنڪ ۾ مقرر ٿيڻ کان اڳ هوءَ ايشيائي ترقياتي بينڪ ۾ ڊائريڪٽر جنرل، ڏکڻ اوڀر ايشيا طور ڪم ڪري رهي هئي، جتي هوءَ 1990ع کان مختلف اهم عهدن تي رهي. عالمي بينڪ سان به هوءَ ڏهه سال پاڪستان ۾ ماهرِ معاشيات طور ڪم ڪندي رهي ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سان منصوبه بندي جي شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون.

شمشاد اختر جو علمي سفر به شاندار رهيو. حيدرآباد ۾ ڄاول، هن ابتدائي تعليم ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ حاصل ڪئي. پنجاب يونيورسٽي مان بي اي اڪنامڪس، قائداعظم يونيورسٽي مان ايم ايس سي، ۽ پوءِ برطانيه مان ڊاڪٽرٽ مڪمل ڪئي. هوءَ فلبرائٽ اسڪالر رهي ۽ هارورڊ يونيورسٽي ۾ وزٽنگ فيلو طور به ڪم ڪيو.

شمشاد اختر مالي پاليسي، زري نظام، بينڪنگ ۽ سرمائيداري منڊي جي اصلاحات تي ڪيترائي مقالا لکيا ۽ عالمي سطح تي سيمينارن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. هوءَ پاڪستان جي مالي منڊي ۾ تنوع آڻڻ، سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن ۽ انشورنس ڪميشن جي تشڪيل نو، ۽ بانڊ مارڪيٽ جي فروغ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندي رهي.

ڊاڪٽر شمشاد اختر جي وفات سان پاڪستان هڪ قابل، محنتي ۽ عالمي سطح تي تسليم ٿيل ماهرِ معاشيات کان محروم ٿي ويو آهي، جن جي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});