ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ننڍي عمر ڇوڪري کي بي ايل اي دهشتگردن جي آپگهاتي منصوبي کان بچايو ويو آهي، جڏهن ته بي ايل اي ۽ بي ايل ايف معصوم بلوچ ڇوڪرين کي خودڪش حملي آور بڻائڻ جي انسانيت دشمن ۽ ڪريل عمل ۾ ملوث آهن.
سنڌ جي صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار هڪ اهم پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن ۾ ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي آزاد خان ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو پڻ موجود هئا. پريس ڪانفرنس ۾ خودڪش حملي آور بڻائڻ لاءِ ٽارگيٽ ڪيل بلوچ ڇوڪري ۽ سندس والدہ جي ڳالهه ٻولهه به سڃاڻپ محفوظ رکندي ميڊيا آڏو پيش ڪئي وئي.
قانون لاڳو ڪندڙ ادارن دهشتگردن کي وائکو ڪري انهن جا ارادا ناڪام ڪيا، ان جا ڇرڪائيندڙ تفصيل سامهون آيا آهن. صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته “هي جيڪا ٻارڙي توهان ڏسي رهيا آهيو، اها بلوچستان مان آهي. ان جي مختلف ماڻهن ذهن سازي ڪئي ۽ هڪ واٽس ايپ گروپ ۾ شامل ڪيو. ٻارڙي هڪ عام اسڪول ۾ پڙهي ٿي، سندس والد فوت ٿي چڪو آهي، ۽ اڄ به سڄي فيملي پاڪستان جي حڪومت کان پينشن وٺي رهي آهي. ٻارڙي جو هڪ ڀاءُ پوليس ۾ ۽ ٻيو سول اداري ۾ آهي.”
هن وڌيڪ چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وقت تي ۽ مؤثر ڪارروائي سان ڪراچي وڏي تباهي کان بچي ويو. دهشتگردن جو نئون نشانو اسان جا ٻار آهن ۽ سوشل ميڊيا کي هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي. متاثر ٻارڙي جي سڃاڻپ کي مڪمل طور تي خفيه رکيو پيو وڃي، رياست ان جي عزت، تحفظ ۽ مستقبل جي ضامن آهي.
ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي سنڌ ٻڌايو ته پابندي مڙهيل دهشتگرد نيٽ ورڪ جي سنگين سازش ناڪام بڻائي وئي. 25 ڊسمبر جي رات هڪ حساس انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران معصوم ٻارڙي کي حفاظت سان تحويلي ۾ ورتو ويو. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي نفرت پکيڙيندڙ ۽ انتها پسند مواد ذريعي معصوم جي ذهن ۾ زهر ڀريو ويو. ٻارڙي والدہ کان لڪائي موبائل استعمال ڪندي رهي ۽ دهشتگرد هينڊلرز ان ڪمزوري جو فائدو ورتو.
جانچ مان ثابت ٿيو ته پاڪستان مخالف ۽ غير ملڪي پٺڀرائي واري مواد ذريعي ذهن سازي ڪئي وئي. هڪ هينڊلر همدردي ۽ مدد جي نالي تي رابطو ڪيو ۽ پوءِ خودڪش حملو ڪرڻ تي اڪسايو. ٻارڙي کي ڪراچي موڪليو ويو، گهر وارن کي ڪوڙ ٻڌائي رواني ٿي، پر پوليس جي چيڪنگ سبب هينڊلر گهربل جاءِ تائين نه پهچي سگهيو ۽ سازش بي نقاب ٿي وئي.
بريفنگ دوران ٻارڙي نيٽ ورڪ ۽ طريقه ڪار جا مڪمل تفصيل مهيا ڪيا. عمر جي گهٽ هجڻ سبب خاندان کي فوري طور تي طلب ڪيو ويو، والدہ ۽ ڀاءُ ڀيڻ ڪراچي پهتا، ٻارڙي کي مڪمل تحفظ ۽ عزت سان خاندان حوالي ڪيو ويو. جاچ جو عمل جاري آهي.
متاثر ٻارڙي چيو:
“سوشل ميڊيا تي نفرت پکيڙيندڙ مواد سامهون آيو، پوءِ اهو مواد بار بار ڏيکاريو ويو. رابطا وڌيا، لنڪس ۽ تقريرون موڪليون ويون، ۽ آهستي آهستي اهو سڀ ڪجهه سچ لڳڻ لڳو. جڏهن رابطا ڪندڙ کي خبر پئي ته منهنجو والد ناهي، ته هن همدردي جي نالي تي مون کي وڌيڪ ڦاسايو. واٽس ايپ گروپن ۾ بي ايل اي جون ڪارروايون ‘بهادري’ طور پيش ڪيون ويون، جيڪي سراسر ڌوکو هو.”
هن وڌيڪ چيو:
“منهنجي پڙهائي متاثر ٿيڻ لڳي ۽ ذهن ۾ اهو وڌايو ويو ته جان قربان ڪرڻ ئي سڀ کان وڏو مقصد آهي. مون گهر کان نڪرڻ لاءِ بہانو ٺاهيو. اڄ سمجهان ٿي ته مان ڪهڙي تباهي ڏانهن وڃي رهي هيس. پوليس جي ناڪي تي سوال جواب ٿيڻ تي مان گهڻو گھبرايس. مان بلوچ آهيان، اسان جي روايت عورت جي عزت سيکاري ٿي. عورتن ۽ ڇوڪرين کي قربان ڪرڻ بلوچيت نه آهي.”
ٻارڙي چيو ته جيڪي ماڻهو قرباني جي نالي تي گروپن ۾ شامل ڪن ٿا، اهي مددگار نه پر شڪار ڪندڙ آهن. جيڪڏهن ڪو چوي ته وڏو مقصد آهي تنهنڪري جان ڏئي ڇڏ، ته سمجهي وٺو اهو توهان جي زندگي جو دشمن آهي.
والده چيو: “عوامي مفاد ۾ اسان بيان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ته ٻي ڪا ڇوڪري هن جال ۾ نه ڦاسي. رياست ماں جيان منهنجي ٻارڙي جي جان بچائي ۽ عزت محفوظ رکي.”
ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي سنڌ چيو ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز نفرت ۽ دهشتگرد مواد خلاف سخت چيڪس لڳائين، اڪائونٽ بند ڪن ۽ الگورٿمز درست ڪن. زيور ٽالرنس پاليسي تحت سهولتڪارن ۽ نيٽ ورڪن کي قانون مطابق منطقي انجام تائين پهچايو ويندو. والدين کي اپيل ڪئي وئي ته ٻارن جي آن لائن سرگرمين تي سخت نظر رکن، ڇو ته هڪ موبائل پورو خاندان خطري ۾ وجهي سگهي ٿو.
ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي سنڌ وڌيڪ چيو ته سي ٽي آپريشنز بنا رڪاوٽ جاري رهندا، دهشتگردي خلاف رياستي عزم غير متزلزل آهي. آزاد خان ٻڌايو ته ٻارڙي بلوچستان سان تعلق رکي ٿي ۽ عام اسڪول ۾ پڙهي ٿي. بي ايل اي جي هينڊلر هن سان رابطو ڪيو ۽ واٽس ايپ گروپ ۾ شامل ڪيو. کيس چيو ويو ته “توهان کان هڪ وڏو ڪم وٺڻو آهي.”
هن ٻڌايو ته هڪ عورت ٻارڙي کي وٺي وئي ۽ وڌيڪ ذهن سازي ڪئي وئي. چيڪنگ دوران بچي هٿ آئي ۽ جڏهن ٿاڻي ۾ آندي وئي ته سڀ ڪجهه ٻڌايو. پوءِ فيصلو ڪيو ويو ته بچي تي ڪو به ڪيس نه ٺاهيو وڃي، تنهنڪري ان جي شناخت به ظاهر نه ڪئي پئي وڃي.

