جيڪب آباد ريلوي اسٽيشن تي اکين جي نور کان محروم قُلي جي ڌيءَ جي مدد سان سامان کڻڻ واري وائرل وڊيو جو ريلوي واري وفاقي وزيرِ حنيف عباسي نوٽيس وٺي ڇڏيو.
اکين جي نور کان محروم قُلي اڪبر علي جمالي سالن کان ننڌي ڌيءَ جي سهاري مسافرن جو سامان کڻندو رهيو، وزيرِ ريلوي اڪبر علي جمالي جي اپيل منظور ڪندي سندس پُٽ کي پاڪستان ريلوي ۾ نوڪري ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وفاقي وزيرِ ريلوي اڪبر علي جمالي سان وزارت ۾ ملاقات به ڪندو.
قُلي جي علاج لاءِ وزيرِ ريلوي پنهنجي کيسي مان مالي مدد جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته رياست پورهيتن سان گڏ بيٺل آهي، فلاحي مقصدن لاءِ وڌيڪ قدم کنيا ويندا.

