راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز باجوڙ ۾ ڪامياب آپريشن دوران ڀارتي اسپانسر پنج خوارج مارجي ويا ، جڏهن ته دهشتگردن جي فائرنگ سبب ميجر عادل زمان شهيد ٿي ويو۔
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز 29 ڊسمبر تي باجڙ ضلعي جي علائقي خار ۾ خفيه اطلاع جي تي آپريشن ڪيو۔ آپريشن ڀارتي پراڪسي تنظيم “فتنه الخوارج” سان تعلق رکندڙ خوارج جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيو ويو۔
ڪارروائي دوران سيڪيورٽي فورسز جي مؤثر جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم پنج خوارج مارجي ويا۔ مارجي ويل خوارج کان هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو۔
دهشتگردن سان ڇتي فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ميجر عادل زمان بهادري سان وڙهندي شهادت جو جام نوش ڪري ويو، هو اڳين مورچن تان پنهنجي ٽيم جي اڳواڻي ڪري رهيو هو۔
آءِ ايس پي آر موجب اهي دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف ڪيترين ئي دهشتگرد ڪاررواين سان گڏ معصوم شهرين جي قتل ۾ به ملوث هئا۔ علائقي ۾ وڌيڪ ڀارتي سرپرستي وارن خوارج جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي۔
وفاقي ايپڪس ڪميٽي جي طرفان نيشنل ايڪشن پلان تحت منظور ڪيل وزن “عزمِ استحڪام” تحت سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي بنا رڪاوٽ دهشتگردي خلاف مهم پوري شدت سان جاري رهندي، جيئن ملڪ مان غير ملڪي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو آڻي سگهجي۔

