ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي گادي واري هنڌ ۾ هڪ اهم ملاقات ٿي، جتي ڀارتي پرڏيهي وزير ايس. جي شنڪر پاڻ هلي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق وٽ آيا ۽ مصافحو ڪيو. هي ملاقات اڳوڻي وزيراعظم خالدہ ضيا جي وفات کان پوءِ سندن رهائشگاهه تي ٿي، جتي ٻنهي اڳواڻن ڪجهه منٽن لاءِ هڪ ٻئي جي خيريت معلوم ڪئي ۽ ڪجهه جملن جي ڏي وٺ ڪئي.
ذريعن موجب جي شنڪر کلندي اياز صادق سان هٿ ملايو ۽ اياز صادق به خوشگوار انداز ۾ جواب ڏنو. ملاقات دوران ماحول نرم ۽ دوستاڻو رهيو.
واضح رهي ته پاڪستان-ڀارت جنگ کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي اعليٰ سطح جي اڳواڻن جو هي پهريون آمهون سامهون ٿيو آهي، جنهن کي خطي ۾ لاڳاپن جي حوالي سان هڪ علامتي قدم قرار ڏنو پيو وڃي۔

