ماضي جي ياد تازہ: اڌ صدي کان پوءِ ڊبل ڊيڪر بسون ڪراچي جي روڊن تي اچي ويون

Homeاهم خبرماضي جي ياد...

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ تقريباً پنجاهه سالن کان پوءِ ڊبل ڊيڪر بسون ٻيهر روڊن تي هلڻ لڳيون، جنهن سان شهرين جون پراڻيون يادون تازيون ٿي ويون. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه بس سروس جو افتتاح ڪيو، جيڪا آزمائشي طور ملير کان شاهراهه فيصل تائين هلائي وئي.

افتتاحي تقريب ۾ وزيرن کي بسن جون خاصيتون ٻڌايون ويون. شرجيل ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عوام سان ڪيل واعدو پورو ڪيو ويو آهي ۽ 2026 ۾ ٽرانسپورٽ جون وڌيڪ سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هن ٻڌايو ته وزيراعليٰ سنڌ جي هدايت تي نئين سال ۾ هر روڊ تي ڊبل ڊيڪر بسون هلنديون.

واضح رهي ته ڊبل ڊيڪر بسن سان ڪراچي جي تاريخ جو گهرو تعلق رهيو آهي. 1960 ۽ 1970 جي ڏهاڪن ۾ اهي بسون شهر جي سڃاڻپ سمجهيون وينديون هيون، خاص طور تي صدر، بندر روڊ ۽ ايم اي جناح روڊ تي. انهن جي مٿئين منزل تي سفر ڪرڻ شاگردن ۽ نوجوانن لاءِ هڪ خوشگوار تجربو هوندو هو.

وقت سان گڏ وڌندڙ آبادي، ٽريفڪ جو دٻاءُ ۽ سار سنڀال جي کوٽ سبب اهي بسون آهستي آهستي ختم ٿي ويون ۽ مني بسن ۽ ڪوچز انهن جي جاءِ ورتي. هاڻي آزمائشي سروس کي هڪ مثبت قدم قرار ڏنو پيو وڃي، ۽ جيڪڏهن منصوبي کي ڪاميابي ملي ته جديد سهولتن سان وڌيڪ بسون مختلف روٽن تي هلنديون، جنهن سان نه رڳو ٽرانسپورٽ جا مسئلا گهٽ ٿيندا پر ڪراچي جي ماضي جي هڪ خوبصورت روايت به ٻيهر زنده ٿيندي.

وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه بسن کي شهرين لاءِ تحفو قرار ڏيندي چيو ته ڪراچي جا ماڻهو بهتر سفري سهولتن جا حقدار آهن. هن چيو ته جديد بس سروس سان شهر اڳتي وڌي رهيو آهي، ۽ هاڻي بهتر سفر صرف واعدو نه پر هڪ عملي حقيقت بڻجي رهيو آهي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});