آڪلينڊ(ويب ڊيسڪ) الوداع 2025، نيوزي لينڊ ۾ نئون سال 2026 شروع ٿي ويو، آڪلينڊ جي آسمان رنگين آتشبازي سان روشن ٿي ويو۔ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اڄ نئين سال کي خوش آمديد چيو ويندو، جڏهن ته جاپان، ڏکڻ ڪوريا ۽ ٻين ايشيائي ملڪن ۾ روايتي رسمن سان جشن جاري آهي۔
يورپ ۽ وچ اوڀر ۾ نئين سال جي شروعات ڪجهه دير کانپوءِ ٿيندو، جڏهن ته آمريڪا ۾ سڀ کان آخر ۾ نئون سال شروع ٿيندو۔ نيويارڪ جي ٽائيمز اسڪوائر ۾ مشھور ڪرسٽل بال نصب ڪيو ويو آهي، جتي لکين ماڻهو گڏ ٿيندا ۽ ڪروڙين ناظرین ٽي وي ۽ آن لائين ذريعن سان منظر ڏسندا۔
ماهرن موجب نئين سال جي مختلف وقتن تي آمد عالمي ٽائيم زون سسٽم جو نتيجو آهي، جنهن تحت دنيا جا خطا مختلف وقتن تي نئين سال ۾ داخل ٿين ٿا ۽ هر ملڪ پنهنجي ثقافت موجب ان جو استقبال ڪري ٿو۔

