چترال (ويب ڊيسڪ) گہريت گول جي علائقي ۾ هڪ پرڏيهي شڪارِي ڪشميري مارخور جو شڪار ڪيو آهي۔ جنگوي جيوت کاتي موجب روسي شڪارِي 68 هزار آمريڪي ڊالرن ۾ شڪار جو لائسنس حاصل ڪيو، جيڪو ڪميونٽي بيسڊ ٽرافي هنٽنگ پروگرام تحت ڏنو ويو۔ شڪار ڪيل مارخور جا سينگ 41 انچ ڊگها رڪارڊ ڪيا ويا۔
شڪار نان-ايڪسپورٽيبل ڪوٽا تحت ڪيو ويو، جنهن مطابق شڪار ٿيل جانور ملڪ کان ٻاهر منتقل نه ٿو ڪري سگهجي۔
اختيارين جو چوڻ آهي ته هنٽنگ پروگرام مان حاصل ٿيندڙ آمدني جو وڏو حصو مقامي آبادي جي فلاح ۽ بهبود تي خرچ ڪيو ويندو۔ پروگرام جو مقصد جنگلي جيوت جو تحفظ، غيرقانوني شڪار جي روڪٿام ۽ مقامي ماڻهن کي معاشي فائدا فراهم ڪرڻ آهي۔
جنگلي جيوت کاتي وضاحت ڪئي ته ٽرافي هنٽنگ پروگرام بين الاقوامي قانونن ۽ مقرر ضابطن مطابق جاري آهي، جيئن ناياب جانورن جي حفاظت يقيني بڻائي سگهجي۔

