آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ريٽائر، اضافي چارج جاويد عالم اوڍو حوالي

Homeاهم خبرآئي جي سنڌ...

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  انسپيڪٽر جنرل (آئي جي) پوليس سنڌ غلام نبي ميمڻ ملازمت جو مدو مڪمل ٿيڻ بعد ريٽائر ٿي ويو، جڏهن ته ڪراچي پوليس چيـف جاويد عالم اوڍو کي آئي جي سنڌ جي اضافي چارج ڏني وئي آهي۔

غلام نبي ميمڻ پنهنجي سروس مڪمل ڪري ريٽائرڊ ٿي ويو، پر سندن ريٽائرمنٽ کان اڳ نئون آئي جي مقرر نه ٿي سگهيو۔ سنڌ حڪومت نوٽيفڪيشن جاري ڪندي ڪراچي پوليس چيـف ايڊيشنل آئي جي جاويد عالم اوڍو کي اضافي چارج ڏني آهي، جنهن بعد هن وقتي آئي جي سنڌ جي حيثيت سان عهدو سنڀالي ورتو۔

سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ ڪمانڊ جي تبديليءَ جي تقريب منعقد ٿي، جتي غلام نبي ميمڻ پنهنجيون ذميواريون ۽ ڪمانڊ اسٽڪ جاويد عالم اوڍو حوالي ڪئي۔

غلام نبي ميمڻ، جيڪي پوليس سروس آف پاڪستان ۾ گريڊ 22 جي آفيسر طور ريٽائر ٿيا، 1 جنوري 1966 تي بدين ۾ پيدا ٿيا ۽ 19 آڪٽوبر 1991 تي پوليس ۾ شموليت اختيار ڪئي۔ 1997 ۾ کين گريڊ 17 کان 18 ۾ ترقي ملي۔

هن 1997 کان 2006 تائين مختلف عهدن تي خدمتون سرانجام ڏنيون، جن ۾ ايس پي گھوٽڪي، ايس پي خيرپور، ايس ايس پي ملير ۽ لاڙڪاڻو، ڊي پي او لاڙڪاڻو، اي ڊي آئي جي اسٽيبلشمينٽ ڪراچي، ايڊيشنل سيڪريٽري ٽو چيـف منسٽر سنڌ، ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ۽ اي ڊي آئي جي آپريشنز سي سي پي ڪراچي شامل آهن۔

2006 ۾ کين گريڊ 19 ۾ ترقي ملي، جنهن بعد هو ڊي پي او گھوٽڪي طور مقرر ٿيا ۽ ٻن ڀيرا انٽيليجنس بيورو ۾ به خدمتون سرانجام ڏنيون۔ 2010 ۾ کين گريڊ 20 ۾ ترقي ملي، جتي هو ڊي آئی جي ساوٿ ۽ ڊي آئي جي هيڊڪوارٽرز سينٽرل پوليس آفيس طور ڪم ڪندا رهيا۔ 2018 ۾ کين ايڊيشنل آئي جي گريڊ 22 ۾ ترقي ڏني وئي، جتي هو ٻه ڀيرا ڪراچي پوليس چيـف ۽ ايڊيشنل آئي جي اسپيشل برانچ طور مقرر ٿيا۔

غلام نبي ميمڻ ٻه ڀيرا آئي جي سنڌ طور مقرر ٿيا۔ پهريون ڀيرو 3 جون 2022 کان 19 آگسٽ 2023 تائين ۽ ٻيهر 25 مارچ 2024 کان 31 ڊسمبر 2025 تائين هن عهدي تي خدمتون سرانجام ڏنيون۔

سندن ريٽائرمنٽ کان پوءِ جاويد عالم اوڍو قائم مقام آئي جي سنڌ طور ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن۔

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});