ڪراچي – نئين سال جي پهرين ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جو شاندار آغاز ٿيو، جتي حصص مارڪيٽ ۾ غير معمولي تيزي ڏسڻ ۾ آئي ۽ انڊيڪس نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو۔
خميس جي ڏينهن ڪاروبار جي شروعات کان ئي خريداري جو رجحان غالب رهيو، جنهن جي نتيجي هنڊريڊ انڊيڪس ۾ نمايان واڌ رڪارڊ ڪئي وئي۔ هڪ وقت تي انڊيڪس 1954 پوائنٽن جي وڏي اضافي سان نفسياتي حد 176 هزار پوائنٽن پار ڪري ويو۔
ڪاروباري دورانيي ۾ انڊيڪس 176,008 پوائنٽن تي ٽريڊ ڪندو رهيو، جيڪو سيڙپڪارن جي اعتماد ۽ مثبت رجحان جو عڪس آهي۔ ياد رهي ته گذريل ڏينهن به اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مثبت رجحان برقرار رهيو هو ۽ انڊيڪس 175 هزار پوائنٽن جي حد پار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو۔

