ايمسٽرڊيم (ويب ڊيسڪ) نئين سال جي رات ايمسٽرڊيم جي تاريخي چرچ وونڊل ڪرڪ ۾ شديد باهه ڀڙڪي اٿي، جنهن سبب چرچ جو بلند ٽاور ڊهي پيو۔ هي چرچ 1872ع ۾ تعمير ٿيو هو ۽ شهر جي اهم ثقافتي ۽ تاريخي ورثي ۾ شمار ٿيندو هو۔
باهه اڌ رات کان پوءِ لڳي ۽ تيز هوا ۽ عمارت ۾ موجود وڏي مقدار ۾ ڪاٺ هجڻ سبب شعلن کي وڌيڪ شدت ملي۔ خوشقسمتي سان چرچ اندر ڪو به ماڻهو موجود نه هو، پر صورتحال جي سنگيني سبب علائقي کي ايمرجنسي لڳائي وئي ۽ ويجهن گهرن کي خالي ڪرايو ويو۔
چرچ جي چوڌاري سڀ روڊ بند ڪيا ويا ۽ رهواسين کي گهڻي دونهين سبب محتاط رهڻ جي هدايت ڏني وئي۔
ايمسٽرلينڊ سيفٽي ريجن جي ترجمان چيو ته چرچ کي بچائڻ ممڪن ناهي ۽ خدشو آهي ته سڄي عمارت ڊهي پٽ ٿي سگهي ٿي۔
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيوز ۾ چرچ جو بلند مينار شعلن ۾ گهريل نظر اچي ٿو۔ ايمسٽرڊيم جي ميئر فِمڪي هالسما هن واقعي کي “انتہائي شديد ۽ دل ڏاريندڙ” قرار ڏنو ۽ چيو ته پهرين ترجيح رهواسين جي سلامتي ۽ سندن گهرن جو تحفظ آهي۔

