بي جي پي اڳواڻ طرفان شاهه رخ خان کي ’غدار‘ قرار ڏيڻ تي نئون تڪرار

Homeاهم خبربي جي پي...

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتيه جنتا پارٽي (بي جي پي) جي تڪراري ۽ انتها پسند اڳواڻ سنگيت سوم بالي ووڊ جي مشهور ناليواري اداڪار شاهه رخ خان خلاف سخت زبان استعمال ڪندي کين ’غدار‘ قرار ڏنو آهي۔ هي بيان تڏهن سامهون آيو جڏهن شاهه رخ خان جي ملڪيت آءِ پي ايل ٽيم ڪولڪتا نائٽ رائيڊرز بنگلاديش جي فاسٽ بالر مستفيض الرحمان کي پنهنجي ٽيم ۾ شامل ڪيو۔

اتر پرديش جي قانون ساز اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر سنگيت سوم ميرٺ ۾ هڪ جلسي دوران چيو ته شاهه رخ خان بنگلاديشي رانديگر کي خريد ڪري ملڪ سان غداري ڪئي آهي۔ سندس موقف هو ته هڪ طرف بنگلاديش ۾ هندن تي تشدد جون خبرون اچي رهيون آهن ۽ ٻي طرف ڀارتي ليگ ۾ انهن رانديگرن کي ڪروڙين رپيا ڏئي خريد ڪيو پيو وڃي۔

سوم الزام لڳايو ته شاهه رخ خان مستفيض الرحمان کي آءِ پي ايل 2026 جي نيلامي دوران لڳ ڀڳ 9 ڪروڙ رپين ۾ خريد ڪيو، جيڪو سندس خيال ۾ قبول جوڳي ناهي۔ هن سخت لفظن ۾ چيو ته اهڙن ماڻهن کي ڀارت ۾ رهڻ جو ڪو حق ناهي جيڪي ملڪ جي جذبات جي ابتڙ فيصلا ڪن ٿا۔

بي جي پي اڳواڻ شاهه رخ خان کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان جيڪو مقام ۽ دولت حاصل ڪئي آهي، اها هن ملڪ جي بدولت آهي، پر ان جي باوجود توهان اهڙا قدم کڻي رهيا آهيو جيڪي غداري جي برابر آهن۔ سندس چوڻ هو ته دولت ته ڀارت مان حاصل ڪئي پئي وڃي، پر فائدو اهڙن ماڻهن کي ڏنو پيو وڃي جن تي سوال اٿن ٿا۔

سنگيت سوم وڌيڪ سخت بيان ڏيندي دعويٰ ڪئي ته جيڪڏهن مستفيض الرحمان جهڙا رانديگر، جن کي 16 ڊسمبر تي ٿيل آءِ پي ايل 2026 جي نيلامي ۾ 9.2 ڪروڙ رپين ۾ خريد ڪيو ويو، ڀارت آيا ته هو ايئرپورٽ کان ٻاهر نه نڪري سگهندا۔

هن بيان سوشل ميڊيا ۽ سياسي حلقن ۾ نئين بحث کي جنم ڏنو آهي، جتي هن معاملي کي رڳو راند نه پر سياست ۽ انتهاپسندي جي تناظر ۾ ڏٺو پيو وڃي۔

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});