ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊاڪ لينڊ ميلبرن ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان جو اسٽار بيٽسمين بابر اعظم سڊني سکسرز جي نمائندگي ڪندي ميلبرن رينيگيڊز خلاف شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري۔ اوپنر طور آيل بابر اعظم 46 بالن تي 4 چوڪن ۽ هڪ ڇڪي جي مدد سان 58 رنز جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي ۽ پنهنجي ٽيم کي فتح ڏانهن وٺي ويو۔
هن اننگز سان گڏ بابر اعظم 2026 ۾ بگ بيش ليگ ۾ نصف سنچري ٺاهيندڙ پهريون بيٽسمين بڻجي ويو، جڏهن ته مجموعي طور تي هي سندس بي بي ايل جي موجوده سيزن ۾ ٻي نصف سنچري آهي۔
ٻئي طرف ميلبرن رينيگيڊز جي نمائندگي ڪندڙ بابر جو هم وطن محمد رضوان 10 بالن تي صرف 6 رنز ٺاهي سگهيو۔

