ڪوئٽه(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وزيراعليٰ مير سرفراز بگٽي اعلان ڪيو آهي ته صوبائي حڪومت عورتن ۽ شاگردياڻين جي محفوظ ۽ باوقار آمد و رفت لاءِ پنڪ بس سروس شروع ڪري ڇڏي آهي.
سماجي رابطن جي سائيٽ “ايڪس” تي جاري پيغام ۾ وزيراعليٰ چيو ته حڪومت جي ترجيح آهي ته هن سروس کي مستقل بنيادن تي جاري رکيو وڃي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ايندڙ مرحلي ۾ پنڪ بس سروس جو دائرو ٻين ضلعن تائين وڌايو ويندو، جنهن سان عورتن کي تعليم، روزگار ۽ صحت جي سهولتن تائين آسان رسائي حاصل ٿيندي.
وزيراعليٰ جو چوڻ هو ته عورتن لاءِ محفوظ ٽرانسپورٽ نظام صوبائي حڪومت جي سڌارن واري ايجنڊا جو اهم حصو آهي ۽ بلوچستان ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن.

