واشنگٽن/ڪوئٽه(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ايئر فورس جي اڳوڻي سربراهه ايئر مارشل نور خان جي ڌيءَ، ناليواري پيڊياٽريشن ڊاڪٽر فائقہ نور خان آمريڪا جي رياست ورجينيا ۾ ٽريفڪ حادثي سبب فوت ٿي ويون.
امريڪي ميڊيا موجب ڊينوڊي ڪائونٽي ۾ هفتي جي آخر دوران هڪ ڪار حادثو پيش آيو، جنهن ۾ 75 ورهين جي ڊاڪٽر فائقہ آفتاب قريشي جي گاڏي روڊ سان ٽڪرائجي باهه ڀڙڪي پئي ۽ هن موقعي تي ئي دم ڏنو.
ڊاڪٽر فائقہ قريشي 1993 ۾ دي ڪنگز ڊاٽر اسپتال ۾ بطور فزیشن پنهنجون خدمتون شروع ڪيون ۽ ڊگهي عرصي تائين اسپتال جي ايمرجنسي ڊپارٽمينٽ ۾ ميڊيڪل ڊائريڪٽر طور ڪم ڪنديون رهيون. اسپتال انتظاميه موجب، هوءَ ٻارن ۽ سندن خاندانن سان ويجهو تعلق رکندي هئي ۽ مستقبل جي ڊاڪٽرن جي تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ادھر ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل يونيورسٽي لاهور به سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ ڊاڪٽر فائقہ جي وفات تي افسوس جو اظهار ڪيو. بيان ۾ چيو ويو ته ڊاڪٽر فائقہ نور خان، ايئر مارشل نور خان جي صاحبزادي ۽ يونيورسٽي جي نمايان شاگردياڻي رهيون، جن 1973 ۾ گريجوئيشن مڪمل ڪئي ۽ بعد ۾ استاد طور به خدمتون سرانجام ڏنيون.

