ڪاراڪاس / واشنگٽن: وينزويلا جي سپريم ڪورٽ، صدر نڪولس مادورو جي گرفتاري کان پوءِ نائب صدر ڊيلسي روڊريگز کي ملڪ جي وقتي صدر طور مقرر ڪري ڇڏيو آهي.
عدالتي فيصلي موجب ڊيلسي روڊريگز عبوري طور صدر جا سمورا اختيار، ذميواريون ۽ فرض سنڀاليندي، ته جيئن رياستي نظام ۾ تسلسل ۽ قومي دفاع کي يقيني بڻائي سگهجي. عدالت واضح ڪيو آهي ته نڪولس مادورو کي اڃا مستقل طور عهدي تان هٽايو ناهي ويو، ڇاڪاڻ ته آئين موجب اهڙي صورت ۾ 30 ڏينهن اندر عام چونڊون ڪرائڻ لازمي آهن.
هي فيصلو ان وقت سامهون آيو آهي، جڏهن آمريڪي فوج وينزويلا جي گادي واري شهر ڪاراڪاس ۾ ڪارروائي ڪندي صدر مادورو کي گرفتار ڪري آمريڪا منتقل ڪيو. غير ملڪي ميڊيا رپورٽن موجب مادورو کي نيويارڪ اسٽيٽ نيشنل گارڊ جي هڪ فوجي تنصيب تي منتقل ڪيو ويو، جتي هو هن وقت ايف بي آءِ جي نگراني هيٺ آهي.
رپورٽن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته مادورو کي جلد هيليڪاپٽر ذريعي نيويارڪ شهر منتقل ڪيو وڃي ٿو، جتي هن خلاف منشيات اسمگلنگ سان لاڳاپيل مقدمن کي منهن ڏيڻو پوندو.
هوڏانهن آمريڪي صدر ڊونلٽ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته عارضي طور وينزويلا جا معاملا آمريڪي ڪنٽرول هيٺ رهندا. جڏهن ته وينزويلا جي قيادت آمريڪي قدمن کي جارحيت قرار ڏيندي سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي ۽ مزاحمت جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.
سياسي تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته هن صورتحال سان وينزويلا سميت سڄي خطي ۾ نئين سياسي ۽ سفارتي ڇڪتاڻ پيدا ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي، جڏهن ته ملڪ جو مستقبل هن وقت شديد غير يقيني صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي.

