اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ سميڊا جي بزنس پلان بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايندڙ ٽن سالن لاءِ روڊ ميپ پيش ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار معيشيت جي ريڙهه جي هڏي آهن ۽ انهن جي ترقي سان برآمدات وڌائڻ جي وڏي صلاحيت موجود آهي.
اجلاس ۾ وزيراعظم لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته بينڪن ۽ مالي ادارن طرفان ايس ايم ايز کي آسان شرطن تي قرضن جي فراهمي لاءِ قدم تيز ڪيا وڃن. اجلاس ۾ ايس ايم ايز کي پيش ايندڙ مسئلن، انهن جي حل لاءِ حڪمت عملي، عالمي مارڪيٽ ۾ مقابلي لاءِ تياري ۽ تربيت بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته 6 شهرن ۾ ورڪشاپس ۽ تربيت پروگرامز منعقد ڪيا ويا آهن، جڏهن ته عورتن جي شموليت ۽ ڪردار وڌائڻ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن. اجلاس ۾ وفاقي وزير عطا الله تارڙ، معاون خصوصي هارون اختر، گورنر اسٽيٽ بينڪ جميل احمد، صوبن ۽ گلگت بلتستان جا اعليٰ آفيسر ۽ سميڊا جي بورڊ جا نوان ميمبر شامل هئا.

