ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رڪارڊ ساز تيزي جو سلسلو جاري رهيو، جنهن سان انڊيڪس تاريخي سطح تي پهچي ويو. ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن 1828 پوائنٽن جي شاندار واڌ سان ڪاروبار شروع ٿيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1 لک 80 هزار 863 پوائنٽن تي پهتو.
بعد ۾ مارڪيٽ ۾ تيزي جو رجحان وڌيڪ وڌيو ۽ انڊيڪس 2634 پوائنٽن جي واڌ سان 1 لک 81 هزار 669 پوائنٽن تائين پهچي ويو، جيڪو تاريخي سطح هئي. ٻنپهرن کانپوءِ غيرمعمولي تيزي سان انڊيڪس 4210 پوائنٽن جي واڌ سان 1 لک 83 هزار 245 پوائنٽن تائين پهتو.
آخر ۾ 3373 پوائنٽن جي تاريخي واڌ سان ڪاروبار ختم ٿيو ۽ انڊيڪس 1 لک 82 هزار 408 پوائنٽن تي بند ٿيو، جيڪو نئون رڪارڊ آهي. ياد رهي ته گذريل هفتي جي آخري ڏينهن به انڊيڪس 2600 پوائنٽن جي واڌ سان 1 لک 79 هزار 34 پوائنٽن تي بند ٿيو هو.

