ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ انٽيليجنس ايجنسين جي گڏيل ڪارروائي سان دهشتگردي جو خطرناڪ منصوبو ناڪام بڻايو ويو. ڪيترن هفتن جي حساس آپريشن دوران 2 هزار ڪلوگرام کان وڌيڪ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو، جيڪو حب جي علائقي ۾ محفوظ طريقي سان ناڪاره بڻايو ويو.
ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي ذوالفقار لاڙڪ ۽ ڊي آءِ جي غلام اظفر مهيسر پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته هڪ دهشتگرد جي گرفتاري کانپوءِ وڌيڪ ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو. گرفتار ٿيلن ۾ جليل احمد عرف فريد، نياز قادر عرف ڪنگ ۽ حمدان عرف فريد شامل آهن.
آپريشن دوران 30 کان وڌيڪ پلاسٽڪ ڊرمز ۽ 5 ڌاتي سلينڊر مليا، جيڪي مبينا طور افغانستان کان بلوچستان ۽ پوءِ ڪراچي آندا ويا هئا. شاهدين موجب نيٽورڪ کي پاڙيسري ملڪن مان هلائجي رهيو هو ۽ انڊين مفادن سان ڳنڍيل گروهن جو هٿ هو.
ادارن موجب دهشتگردن جو مقصد ڪراچي ۾ سولين هدفن کي نشانو بڻائڻ هو، پر بروقت ڪارروائي سان بي شمار قيمتي زندگيون بچايون ويون. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو چوڻ آهي ته بارودي مواد جي سپلائي چين ٽوڙڻ ۽ رهائشي گهرن جي نگراني سخت ڪرڻ ضروري آهي. وڌيڪ تفصيل جلد سامهون آڻڻ جو اعلان ڪيو ويو.

