ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ويمن ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر ۽ نمايان رانديگر عميمه سهيل شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي۔ شادي جي تقريب ڪراچي ۾ ٿي، جنهن ۾ گهر ڀاتي، ويجهن مائٽن ۽ دوستن شر ڪت۔
شادي جون خوبصورت تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهيون آهن، جن کي ڪرڪيٽ جي مداحن طرفان تمام گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي۔ عميمه سهيل جو شمار پاڪستان ويمن ڪرڪيٽ ٽيم جي اهم رانديگرن ۾ ٿئي ٿو ۽ هوءَ ڪيترن ئي بين الاقوامي مقابلي ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪري چڪي آهي۔
شادي جي موقعي تي ڪرڪيٽ حلقن ۽ مداحن طرفان عميمه سهيل کي مبارڪبادون ڏنيون پيون وڃن ۽ نيڪ تمنائون پيش ڪيون پيون وڃن۔

