انصاف بنا سماج نامڪمل، بار ايسوسيئيشنون نظام جو ستون آهن: چيف جسٽس سنڌ

Homeاهم خبرانصاف بنا سماج...

لاڙڪاڻو(الطاف ولي کھاوڙ ) چيف جسٽس سنڌ جسٽس ظفر احمد راجپوت هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئشن طرفان ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته اڄ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن لاڙڪاڻي طرفان جنهن نموني مون کي سنڌي ثقافت، پٽڪي ۽ اجرڪ سان نوازيي عزت بخشي، ان احساس کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ مشڪل آهي، حقيقت ۾ اجرڪ جا رنگ توهان جي محبت، خوشحالي ۽ خوشيءَ جي علامت آهن، اهي رڳو ثقافتي تحفا نه پر منهنجي لاءِ توهان جي محبت ۽ دعائون آهن. مان توهان جو دل جي گهراين سان شڪرگذار آهيان.

هن چيو ته اڄ هتي هن بار جي پنهنجي دوستن، نوجوان ۽ باصلاحيت وڪيلن سان چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ آف سنڌ جي حيثيت ۾ خطاب ڪرڻ منهنجي لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي. منهنجو سفر جج کان چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ آف سنڌ تائين 12 ورهين تي مشتمل رهيو ۽ انهن 12 ورهين دوران مون 10 کان وڌيڪ، يا جيڪڏهن صحيح چوان ته 12 روسٽر سٽنگ ۾ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻي ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. الحمدالله انهن روسٽر سٽنگ ۾ مون لاڙڪاڻي ۾ رڳو وقت نه پر زندگي گذاري. اڄ  منهنجي تقرير ٽن نقطن تي آهي جنهن ۾ پهريون نقطو سماج ۾ انصاف جي اهميت، ٻيو نقطو عدالتي انصاف ۽ ٽيون نقطو بار ايسوسيئيشن ۽ وڪيلن جي ڪردار تي مشتمل آهي انهن مان پهريون نقطو ته انصاف مضبوط، پرامن ۽ متوازن سماج جي بنياد آهي.

انصاف سڀني اخلاقي قدرن جي روح آهي، ڇو ته ان کان سواءِ نه حق محفوظ رهن ٿا ۽ نه ئي اعتماد جي فضا قائم ٿئي ٿي جڏهن فرد ۽ ادارا انصاف جي اصولن تي عمل ڪن ٿا ته سماجي بدعنواني، جبر ۽ ناانصافي پاڻمرادو ختم ٿيڻ لڳي ٿي. انصاف ذريعي ڪمزور کي سهارو ملي ٿو، طاقتور جون حدون مقرر ٿين ٿيون ۽ سماج ۾ برابري ۽ ڀائپي کي هٿي ملي ٿي. ان ڪري انصاف رڳو اخلاقي فرض ناهي، پر مضبوط، پرامن ۽ متوازن سماج جي بنياد ۽ سماجي ترقي ۽ امن جي ضمانت به آهي۔ سماج ۾ انصاف کي برقرار رکڻ لاءِ هڪ منظم ۽ مضبوط عدالتي نظام انتهائي ضروري آهي، جيڪو رياست ۾ ماڻهن جي جان، مال ۽ حقن جو تحفظ ڪري ۽ يقيني بڻائي ته هر ماڻهو کي سندس حق ملي.

ٻيو نقطو عدالتي انصاف جنهن عدالتي انصاف جو عمل مهذب ۽ ترقي يافته سماج لاءِ لازمي آهي. اهو زندگيءَ جي معاشي، سماجي ۽ سياسي شعبن ۾ امن ۽ خوشحالي جي بنياد فراهم ڪري ٿو. عدالتي انصاف هڪ پرامن سماج جو بنياد آهي، جيڪو امن، استحڪام، باهمي اعتماد ۽ انساني وقار کي برقرار رکي ٿو. اهو فردن جي حقن جي حفاظت، سماجي توازن جي قيام ۽ بدعنواني جي روڪٿام ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ مضبوط ۽ پرامن سماج قائم ٿئي ٿو.

عدالتي انصاف ناانصافي ختم ڪرڻ جو سڀ کان وڏو ذريعو آهي. اسان چڱيءَ ريت ڄاڻون ٿا ته انصاف کان سواءِ سماج ۾ بي توازني پيدا ٿي وڃي ٿي، جڏهن ماڻهن کي انصاف تائين رسائي نٿي ملي ته سماجي بگاڙ ۽ انتشار وڌي وڃي ٿو. تنهن ڪري رياست جي وحدت ۽ سالميت لاءِ انصاف جو نظام انتهائي اهم آهي. حضرت مولا عليؓ جو قول آهي ته انسان ڪفر سان ته زندهه رهي سگهي ٿو، پر ظلم سان نه. ظلم جي معني اها آهي ته ڪنهن انسان کي سندس حق کان محروم ڪيو وڃي. ٽيون نقطو بار ايسوسيئيشن ۽ وڪيلن جو ڪردار آهي، منهنجو يقين آهي ته بار ايسوسيئيشنز قانوني پيشو منظم ڪري انصاف جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.

اهي وڪيلن جي اخلاقي ڪردار کي يقيني بڻائن ٿيون، قانون جي حڪمراني کي هٿي ڏئي عوام لاءِ قانوني خدمتن تائين رسائي آسان ڪن ٿيون، بار ايسوسيئشنز وڪيلن جي اهليت ۽ ايمانداري کي يقيني بڻائڻ سان گڏ عدليه ۽ قانوني پيشي جي آزاديءَ جي حفاظت لاءِ به سرگرم رهنديون آهن. بار ايسوسئيشن جو هڪ بنيادي اصول اهو آهي ته قانوني خدمتون هر شهري لاءِ، سندس مالي حيثيت کان سواءِ، دستياب هجن. اهي پيشورانه ترقي لاءِ مسلسل قانوني تعليم ۽ نون وڪيلن لاءِ رهنمائي جا پروگرام مهيا ڪن ٿيون، جنهن سان عدالتن ۾ وڪالت جو اعليٰ معيار برقرار رهي ٿو.

بار ايسوسيئيشنز وڪيلن ۽ بينچ جي وچ ۾ باهمي احترام تي ٻڌل لاڳاپن کي هٿي ڏين ٿيون، جيڪو عدالتن جي هموار ڪارڪردگي ۽ انصاف جي اثرائتي فراهمي لاءِ انتهائي ضروري آهي. مختصر طور جڏهن بار ايسوسيئيشنون سٺي نموني ڪم ڪن ٿيون ته انصاف جو نظام وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿو. تقريب ۾ جسٽس شمس الدين عباسي، جسٽس عبدالحامد ڀرڳڙي، جسٽس ذوالفقار علي سانگي، جسٽس علي حيدر ادا، جسٽس ميران محمد شاھ، جسٽس محمد جعفر رضا، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سريش ڪمار سميت هاءِ ڪورٽ بار لاڙڪاڻو جي صدر اطهر عباس سولنگي، نائب صدر نور الدين مهيسر، جنرل سيڪرٽري آصف حسين چانڊيو، ڊسٽرڪٽ بار جي صدر محمد اسماعيل ابڙو، جنرل سيڪريٽري غلام مصطفيٰ مگسي سميت سينئر وڪيلن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان کان اڳ چيف جسسٽس سنڌ جسٽس ظفر احمد راجپوت طرفان هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۽ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ مختلف اسڪيمن جو افتتاح پڻ ڪيو ويو.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});