نوشهرو فيروز (رپورٽ: مقصود علي مشوري): اڳوڻي وفاقي وزير ۽ جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضى جتوئي ۽ اين اين پي پي صوبائي صدر مسرور جتوئي خلاف ٽن ڪيسن ـ بلاول زرداري قتل ڪيس، لنجار هائوس ساڙڻ ۽ دادو اميناڻي ڪيس ـ جي ٻڌڻي اي ٽي سي ڪورٽ ۾ مقرر هئي، جيڪا جج جي موڪل سبب سيشن ڪورٽ ۾ ٿي۔ جج صاحب ٻڌڻي 20 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي۔
ڪورٽ کان ٻاهر ميڊيا سان ڳالهائيندي غلام مرتضى جتوئي چيو ته مون کي اقتدار جي ڪا به بک ناهي، پر مان صرف هنن ڪرپٽ حڪمرانن مان عوام کي نجات ڏيارڻ لاءِ نڪتو آهيان۔ هن چيو ته سنڌ جو عوام باشعور آهي ۽ حڪمرانن کي سمجهي چڪو آهي۔ ڊسمبر ۾ ڪجهه ٿيڻ وارو هو پر معاملا ڊلي ٿي ويا، هاڻي فيبروري ۾ ضرور ڪجهه نه ڪجهه ٿيندو۔
غلام مرتضى جتوئي وڌيڪ چيو ته ڪرپشن جا رڪارڊ حڪمران ٽوڙي ڇڏيا آهن، هر نوڪري ۽ ڪم پئسن تي آهي۔ بينظير جي نالي تي ماڻهن کي جهر جھنگ ۾ پنڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي، جتي 220 رپيا تاريخي حساب سان ماڻهن کي ڏنا وڃن ٿا۔ هن زور ڏنو ته گڏجي سنڌ جي عوام کي هنن ڪرپٽ حڪمرانن مان جان ڇڏائڻ ضروري آهي۔

