ڪراچي کي دنيا جي بهترين شهرن ۾ شامل ڪرڻ لاءِ 84 ارب رپين جو پيڪيج منظور

Homeاهم خبرڪراچي کي دنيا...

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي کي دنيا جي بهترين شهرن ۾ شامل ڪرڻ لاءِ 84 ارب 79 ڪروڙ 60 لک رپين جو پيڪيج ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته 26 ارب 20 ڪروڙ رپيا اضافي طور منظور ڪيا ويا آهن. هن ڳالهه جو اظهار فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن (ايف ڊبليو او) جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو، جنهن جي سربراهي ڊي جي ميجر جنرل عبدالسميع ڪري رهيا هئا. ملاقات ۾ وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

وڏي وزير چيو ته ڪراچي جي ترقي لاءِ جامع منصوبا تيار ڪيا ويا آهن، جن ۾ وڏن انفراسٽرڪچر پروجيڪٽس شامل آهن. اهم منصوبا هيٺيان آهن:

  • ايم نائن جناح ايونيو کان شاهراهه فيصل تائين روڊ جي تعمير، جيڪو سپر هاءِ وي سان ڳنڍيل هوندو.
  • ملير هالٽ کان شاهراهه فيصل تائين انڊر پاس، ٽريفڪ جي رڪاوٽ ختم ڪرڻ لاءِ.
  • ايئرپورٽ کان اسٽارگيٽ تائين فلائي اوور، جنهن سان ايئرپورٽ کان شاهراهه فيصل تائين سڌي رسائي ممڪن ٿيندي.
  • وائي جنڪشن کان مڇلي چوک (هاڪس بي روڊ) تائين روڊ جي تعمير، ڪمرشل ۽ هيوي ٽريفڪ لاءِ.
  • مسرور بيس کان ٽرڪ اسٽينڊ تائين روڊ جي تعمير.
  • سهراب گوٺ تي فلائي اوور، جيڪو شهر جو گيٽ وي آهي ۽ ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ڪندو.

مراد علي شاهه ٻڌايو ته 7 وڏن منصوبن لاءِ 84.7 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته شهر جي مختلف علائقن ۾ 443 اندروني روڊن کي تعمير ڪيون وينديون. ٽريفڪ مينيجمينٽ لاءِ 9 منصوبا ۽ ڪي ايم سي جي 26 روڊن جي تعمير پڻ شامل آهي.

هن وڌيڪ چيو ته پارڪن، فلائي اوورن ۽ سڙڪن جي خوبصورتيءَ جا منصوبا به جاري آهن. گڏوگڏ 9 اهم ترقياتي منصوبا، 10 علائقن ۾ روڊن جي تعمير ۽ 7 روڊن جي بييوٽيفڪيشن به ڪئي ويندي.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايف ڊبليو او جا انجنيئرز، بلديات کاتي ۽ ڪي ايم سي جا اعليٰ عملدار گڏجي منصوبا ڊزائن ڪندا. وزيراعليٰ هدايت ڪئي ته ڊزائن ۽ يوٽيلٽيز جي منتقلي جا مسئلا فروري 2026 تائين حل ڪيا وڃن ۽ مارچ 2026 کان ترقياتي ڪم شروع ڪيا وڃن.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});