اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيشنل ڊائيلاگ ڪميٽي جي پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت ۽ اپوزيشن جي وچ ۾ ڳالهين لاءِ ڪميٽيون جوڙيون وڃن.
اسلام آباد ۾ قومي ڊائيلاگ جو پروگرام ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ سياسي جماعتن، وڪيلن ۽ دانشورن جي پهرين گڏجاڻي ٿي. قومي ڪانفرنس ۾ جماعت اسلامي، ايم ڪيو ايم سميت ٻين سياسي جماعتن شرڪت ڪئي.
پڌرائي مطابق ڳالهين جو طريقيڪار طئي ڪرڻ ۽ سياسي گرمي گهٽائڻ لاءِ تجويزون پيش ڪيون ويون. فواد چوڌري اعلاميو پڙهي ٻڌايو، جنهن ۾ صدر پاڪستان، نواز شريف ۽ وزيراعظم تي مشتمل ڪميٽي ٺاهڻ جي تجويز ڏني وئي، جيڪا سياسي قيدين سان گڏجي ڊائيلات کي اڳتي وڌائيندي.
پڌرائي ۾ زور ڏنو ويو ته سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ فوري طور اپوزيشن ليڊر جي مقرري ڪئي وڃي، عورت سياسي ورڪرن کي بحال ڪيو وڃي ۽ سياسي ڪارڪنن جي آزادي سان حڪومت تي اعتماد وڌندو.
اعلاميي ۾ ميڊيا تي سنسرشپ ختم ڪرڻ ۽ سياسي ماڻهن تي ڪيس واپس وٺڻ جو مطالبو به شامل آهي. گڏجاڻي ۾ ڳالهه ٻولهه جو عمل جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو ۽ شهيدن جي درجات جي بلندي لاءِ دعا ڪئي وئي. نيشنل ڊائيلاگ ڪميٽي جو ايندڙ اجلاس ملتان ۾ ٿيندو.

