ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمن چيو آهي ته خيبرپختونخوا جي وزيراعليٰ سهيل آفريدي کي ڪراچي آمد تي آئيني ۽ قانوني دائري ۾ رهندي مڪمل سيڪيورٽي ۽ سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته سنڌ مهمان نوازن جي ڌرتي آهي ۽ هڪ صوبائي وزيراعليٰ جي حيثيت سان کيس ڀليڪار ڪيو ويندو.
شرجيل انعام ميمن ڪراچي پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيڻ لاءِ پهتو، جتي صدر فاضل جميلي، جنرل سيڪريٽري اسلم خان ۽ ٻين عهديدارن پاران پرجوش استقبال ڪيو ويو. ملاقات دوران پريس ڪلب جي عهديدارن مسئلن بابت آگاهي ڏني، جنهن تي سينيئر وزير يقين ڏياريو ته مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا.
ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت هميشه صحافين ۽ اظهارِ راءِ جي آزادي سان گڏ بيٺا آهن. هن چيو ته ملڪ جي تاريخ شاهد آهي ته جمهوريت جي جدوجهد ۾ صحافي ۽ پيپلزپارٽي گڏ رهيا آهن، ۽ هاڻي به صحافين جي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪيون وينديون.
سينيئر وزير ٻڌايو ته سنڌ حڪومت صحت جي شعبي ۾ انقلابي قدم کنيا آهن، جتي اسپتالن ۾ بغير شناختي ڪارڊ يا ڊوميسائل جي علاج مڪمل طور تي مفت ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته سائبر نائف جهڙي جديد سهولت، جيڪا دنيا جي چند ملڪن ۾ موجود آهي، سنڌ ۾ مفت فراهم ڪئي پئي وڃي.
شرجيل انعام ميمن وڌيڪ چيو ته صحافين لاءِ انقلابي قدم کنيا پيا وڃن، ڪراچي کان پوءِ حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ به اهڙيون سهولتون ڏنيون وينديون. عورت صحافين لاءِ مفت اسڪوٽيز ۽ ٽريننگ پروگرام شروع ڪيا ويندا، جڏهن ته ٽنڊواله يار، خيرپور ۽ شکارپور ۾ به پيپلز بس سروس هلائي ويندي.
هن چيو ته سياسي جماعتن کي سرگرمين جو حق آهي، پر انتشار، نفرت انگيزي ۽ قانون شڪني جي اجازت نه ڏني ويندي. هن پي ٽي آءِ جي ماضي جي پاليسين تي اعتراض ظاهر ڪيو، پر واضح ڪيو ته سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي، مهمان نوازي سنڌ جي روايت آهي.

