ڪورونا وبا جولاءِ يا آگسٽ ۾ عروج تي ويندي، جيڪڏهن اسان احتياط نه ڪيو ته وڏو ڏکيو وقت اچڻ وارو آهي: وزيراعظم

HomeFeatured Newsڪورونا وبا جولاءِ...

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته جولاءِ يا آگسٽ ۾ ملڪ ۾ ڪورونا ڪيس عروج تي هوندا. وزيراعظم جي صدارت هيٺ ڪورونا وائرس جي صورتحال تي جائزي لاءِ اجلاس ٿيو، جنهن کانپوءِ خيالن جو اظهار ڪندي عمران خان چيو ته جيڪڏهن عوام احتياط ڪري ته پاڪستان ان تباهيءَ مان نه گذرندو، جيڪا امير ملڪن تي آئي، جيڪڏهن اسان احتياط نه ڪيو ته وڏو ڏکيو وقت اچڻ وارو آهي ۽ ملڪ کي نقصان ٿيندو، لاڪ ڊائون سان ڪورونا ختم نه ٿيندو پر وبا پکڙجڻ جي رفتار گهٽ ٿيندي آهي. هن چيو ته ڪو به ملڪ ڊگهي وقت تائين لاڪ ڊائون برداشت نٿو ڪري سگهي، ڇو ته بيروزگاري وڌندي آهي، اسان جي جدوجهد اها آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا تيزي سان نه پر آهستي پکڙجي ته جيئن اسپتالن تي بار نه پئي، ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، احتياط ڪنداسين ته محفوظ رهنداسين. سندس چوڻ هو ته آڪسيجن وارا وڌيڪ هڪ هزار بسترا سڄي ملڪ ۾ ورهائينداسين، پاڪ نگهبان نالي ويب سائيٽ ۽ ايپ لانچ ڪري رهيا آهيون، جنهن سان خبر پوندي ته ڪهڙي شهر ۾ ڪيترا بسترا موجود آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ جولاءِ جي آخر يا آگسٽ جي شروعات ۾ ڪورونا ڪيس عروج تي هوندا، ماڻهو وبا کي سنجيدگي سان نه پيا وٺن، اهي ايس او پيز تي عمل نه ڪري پاڻ سميت پنهنجن جون زندگيون خطري ۾ ۽ ملڪ کي ڏکيائين ۾ وجهي رهيا آهن. عمران خان عوام کي اپيل ڪئي ته ماسڪ ضرور پايو، ڇو ته ان جي استعمال سان وبا جي پکيڙ جو خطرو 50 سيڪڙو گهٽجي وڃي ٿو.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});