اسلام آباد(ويب ديسڪ) پرڏيهي وزارت پاڪستاني شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجي حفاظت ۽ سلامتي لاءِ اسلامي جمهوريه ايران جو غير ضروري سفر حالتن جي بهتر ٿيڻ تائين ملتوي ڪن.
پرڏيهي آفيس جي جاري ڪيل ٽريول ايڊوائزري موجب ايران ۾ رهندڙ پاڪستاني شهرين کي چيو ويو آهي ته هو انتهائي احتياط ڪن ۽ چوڪس رهن.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته غير ضروري اچ وڃ کي گهٽ ۾ گهٽ رکيو وڃي ۽ پاڪستاني سفارتي مشنز سان باقاعده رابطي ۾ رهو.

