ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايران ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي پس منظر ۾ پاڪستان جي بهترين سفارتڪاري عالمي سطح تي مرڪزِ نگاهه بڻجي وئي آهي. علائقائي تڪرارن جي خاتمي ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي اهميت ڏني پئي وڃي، جڏهن ته آمريڪي ميگزين دي نيشنل انٽرسٽ به پاڪستان جي مؤثر سفارتڪاري جو اعتراف ڪيو آهي.
ميگزين موجب، وينزويلا جي صورتحال کانپوءِ واشنگٽن جي سخت گير حلقن ۾ ايران کي ايندڙ هدف بڻائڻ جو تصور زور وٺي رهيو آهي، صدر ٽرمپ به خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن مظاهرين تي ڪڙڪ ڊائون ڪيو ويو ته آمريڪا مداخلت ڪندو، پر ان جي نوعيت واضح نه ڪئي وئي آهي.
دي نيشنل انٽرسٽ جو چوڻ آهي ته ايران سان وينزويلا جهڙو رويو نه رڳو ناڪام ٿيندو پر ڏکڻ ايشيا ۾ سنگين بحران کي جنم ڏئي سگهي ٿو . هن وقت آمريڪا جو اهم شريڪ پاڪستان ايران خلاف ڪنهن به ڪارروائي جو حامي نه آهي. فيلڊ مارشل عاصم منير جي صدر ٽرمپ سان ملاقات کانپوءِ پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا نمايان طور بهتر ٿيا آهن.
ميگزين وڌيڪ لکيو آهي ته پاڪستان ايران ۾ پرتشدد طريقي سان حڪومتي تبديلي جي حمايت نه ٿو ڪري، ڇو ته ان سان انتشار وڌڻ جو خدشو آهي ۽ دهشتگردن کي تقويت ملندي، جيڪي ٻنهي ملڪن جي گڏيل سرحد تي سرگرم آهن. اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان لاءِ مهاجرن جو دٻاءُ به قومي سلامتي جو وڏو مسئلو بڻجي سگهي ٿو.
ايران وينزويلا جي ڀيٽ ۾ مضبوط فوجي طاقت رکي ٿو ۽ خليج فارس ۾ تيل جي ترسيل متاثر ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. پاڪستان اڳ ئي ڀارت سان ڇڪتاڻ ۽ افغانستان کان دهشتگردي جي حملن کي منهن ڏئي رهيو آهي، تنهن ڪري اولهه سرحد تي جنگ يا بي امني برداشت نه ٿو ڪري سگهي.
دي نيشنل انٽرسٽ موجب، هي صورتحال فوجي حل بدران سفارتي رستي ڏانهن اشارو ڪري ٿي. آمريڪا کي گهرجي ته جنگ بدران علائقائي شريڪ ملڪن کي استعمال ۾ آڻي، خاص طور تي انهن کي جن جو استحڪام ۾ حقيقي مفاد آهي.
ايران ۽ آمريڪا ٻنهي سان پاڪستان جا اهم سفارتي لاڳاپا آهن. ماضي جي ڀيٽ ۾ ايران به پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سلامتي جي معاهدي جو آجيان ڪئي آهي، جنهن سان پاڪستان جو ڪردار وڌيڪ نمايان ٿيو آهي.
پاڪستان اڳ ئي ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي. عالمي سطح تي پاڪستان جي مؤثر سفارتڪاري ۽ قومي بصيرت کي تسليم ڪيو پيو وڃي. سياسي ۽ عسڪري قيادت جي حڪمت عملي جي نتيجي ۾ پاڪستان خطي ۾ هڪ ريجنل اسٽيبلائزر طور سامهون اچي رهيو آهي، جنهن جو اثر نه صرف ڏکڻ ايشيا پر وچ اوڀر تائين محسوس ڪيو پيو وڃي.

