بي قابو ٿيل ڪرونا جي بچاءَ ۽ احتياط تي عالمي ويبنار

Homeاهم خبربي قابو ٿيل...

ڪرونا کي بلند حوصلي ۽ گھربل احتياط سان شڪست ڏيڻي آھي: ڊاڪٽرن جا ويچار

ڪرونا ھڪ اپاھج وائرس آھي احتياط  نه ڪندڙ خود پنھجي ھٿن تي کڻي ھن کي موتمار ڪن ٿا.

ڀاڪر جي بجاء محبت جو اظھار اکين ۽ بھترين روين سان ڪريو.

عالمي لالچي سرمائيدار ويڪسين آڻڻ ۾ عام ماڻھن جي رسائي جو خيال رکن.

عوام جي حفاظت لاء حڪومت کليل مارڪيٽن ۽ سواري جي ذريعن تي لاڳو ڪيل پابندين تي سختي سان عمل ڪرائي ۽ پورھيتن جي ڪفالت ڪري.

ڪرونا جي سماجي وٿي ۽ وڇوٽي کي خوشگوار ۽ معلوماتي رکڻ لاء رميش راجا ۽ منظور اڄڻ پاران شروع ڪيل آن لائين عالمي ويھڪن جي اٺون پروگرام “وڌندڙ ڪرونا ۾ اسان جو ذميداريون” جي موضوع تي ٿي گذريو. جنھن ۾ ڏيھ توڙي پرڏيهھ جي ڊاڪٽرن ويچار ونڊيا. خاص طور تي روس مان ڊاڪٽر ذيشان جتوئي، لنڊن مان صادق ڀنڀرو، آمريڪا مان آيل ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي، ڊاڪٽر شھزاد شيخ، ڪئناڊا مان احمر نديم ميمڻ، فن لئنڊ مان رخسانه علي، بحرين مان منظور سيٺار، دبئي مان دودو کٽياڻ، عبدالله سولنگي، مھيش ڪمار ، عبد الرزاق سروھي، محمد رياض سھتو،  پروفيسر سريش ڪمار واڌواڻي، حاجي خان بوزدار، ممتاز علي ميمڻ، حسين سھتو، شڪيل شيخ انيس نور ميمڻ ۽ ٻين پنھنجا ويچار ونڊيا.

سڀ کان پھرين ھن خطرناڪ ڪرونا وبا سان پھرين صف تي لڙندڙ ڊاڪٽرن کي سلام پيش ڪيو ويو ۽ ان اعلي فرض جي ادائگي ۾ پنھنجي حياتي جو نظرانو پيش ڪندڙ ڊاڪٽرن جي لاء ھڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي ۽ مرد مجاھد جو لقب ڏنو ويو.

ڊاڪٽرن ۽ ماھرن جو چوڻ ھيو ته دنيا ۾ چار لک ماڻھن کي مارڻ، پنجھٺ لک ماڻھن کي بيمار ڪرڻ ۽ ڇھ ڪروڙ ماڻھن کي بي روزگار ڪرڻ وارو ڪرونا ھڪ اپاھج وائرس آھي احتياط نه ڪندڙ خود پنھجي ھٿن تي کڻي ھن کي موتمار ڪن ٿا.

عالمي برادري وڌندڙ عالمي غربت ۽ بي روزگاري جي مد نظر لاڪ ڊائون ختم ڪري ڪرونا سان گڏ ھلڻ جو فيصلو ڪيو آھي. ھاڻي ڪرونا جي طئي ٿيل احتياطن کي ھڪ نئين سماجي بناوت طور اپنائڻو پوندو. 

ماھرن صلاح ڏيندي چيو  ته گھربل احتياط، بلند حوصلي ۽ بھتر قوت مدافعت سان ڪرونا جو مقابلو ڪري سگھجي ٿو. احتياط لاء چڱي طرح ھٿ ڌوئڻ، سماجي وٿي رکڻ، غير ضروري ميل ميلاپ ۽ ھٿ ملائڻ کان پاسو ڪرڻ، منھن، اکين ۽ نڪ تي ھت ھڻڻ کان پاسو ڪرڻ، نمڪ جا گراڙا ڪڙڻ، سينيٽائيزر ۽ ڊيٽول سان ھٿن کي جراثيمن کان پاڪ رکڻ، شين جي ڏي وٺ ۾ احتياط ڪرڻ ۽ ڀاڪر جي بجاء محبت جو اظھار اکين ۽ بھترين روين سان ڪريو. قوت مدافيت جي بھتري لاء ڀرپور ننڊ، اس جو سيڪ وٺڻ، گرم ٿيل پروٽين وارا کاڌا  کائڻ، ججھو پاڻي پيئڻ، ليمون پاڻي پيئڻ، دالچيني، لونگ ۽ ادرڪ جو ڪاڙھو پيئڻ ۽ تازا ۽ خشڪ ميوا وٺڻ کپن.

گھر ۾ ويھي ڊپريشن جو شڪار ٿيڻ بجاء گھرڀاتين سان ڪچھري ڪرڻ، پنھنجي لاء وقت ڪڍڻ، ڪتاب پڙھڻ، گھر جي لائيبرري۽ اسٽور جي صفائي ڪرڻ، پراڻن دوستن ۽ مٽن مائٽن سان فون تي ڪچھريون ڪرڻ، ٻوٽن کي پاڻي ڏيڻ ۽ خبرن  بجاء سٺيون فلمون ڏسڻ جھڙا ڪارائتا ڪم ڪرڻ گھرجن.

وڌيڪ چيو ويو ته دنيا جون ڏھاڪو کن وڏيون ڪمپنيون ڪرونا ويڪسين ٺاھڻ ۽ مارڪيٽ ۾ آڻ جي ڊوڙ ۾ آھن جيڪو تحقيق ۽ تجربي جي آخري مرحلي ۾ آھن سيپٽمبر کان ڊسمبر تائين مارڪيٽ ۾ اچي ويندي. جيڪا ھميشه جيان عالمي سرمائيدارن جي لالچ ڪري عام ماڻھن جي رسائي کان مٿي ھوندي جنھن لاء عالمي عام ڀلائي جي ادارن کي اڳتي اچڻو پوندو.

عوام جي حفاظت لاء حڪومت کليل مارڪيٽن ۽ سواري جي ذريعن تي لاڳو ڪيل پابندين تي سختي سان عمل ڪرائي ۽ پورھيتن جي ڪفالت ڪري ان موقعي تي پاڪستان جي مختلف شهرن مان  جنيد انور لغاري ، جميل احمد شيخ،سانول ڳاھو، پرويز سھتو ، امان الله سولنگي، مرتضي گوھر، ساھ شيخ ، حق نواز شيراز چانڊيو، چانڊيو انور عزيز، راجيش جئپال،  انتظار عامر ڪلهوڙو،  آصف ابڙو،  ظھيرالدين بابر ٻوھيو،؛ انصار علي، وحيد جسڪاڻي، دریا خان شيخ، اشفاق ميمڻ، ممتاز خادم ميمڻ، علي محمد ناريجو، اياز جروار، مرسلين خان جتوئي، عطا الله خان جتوئي ، واجد سنڌي، امجد شر، ساحل ڪمار لوڍا، محمد بخش سومرو، الاھي مھر،  الطاف سومرو، بابو ھرداس، آغا مسعود، محمد رياض سھتو، مير محمد قاضي ۽ ٻين آن لائين شرڪت ڪئي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});