تهران: ايران جي اٽارني جنرل محمد موحدي آزاد ملڪ ۾ جاري حڪومت مخالف احتجاج ۾ شرڪت ڪندڙن لاءِ سخت تنبيهه جاري ڪئي آهي.
ايراني ميڊيا موجب اٽارني جنرل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته احتجاج ۾ شامل هر شخص الله جو دشمن آهي.
رياستي ٽيليويزن تي نشر ٿيل خطاب ۾ هن خبردار ڪيو ته ايراني قانون ۾ اهڙيون سخت دفعات موجود آهن جن تحت “دشمنانِ خدا” کي سزاءِ موت تائين ڏئي سگهجي ٿي.
هن وڌيڪ چيو ته نه رڳو مظاهرن ۾ شرڪت ڪندڙ پر انهن “فساديَن” جي مدد ڪندڙ به ساڳئي الزام هيٺ ڪيسن کي منهن ڏيندا. هن استغاثي کي هدايت ڪئي ته جلد کان جلد بغير ڪنهن نرمي جي ڪيس داخل ڪيا وڃن ۽ فيصلائتي ڪارروائي لاءِ تيار ٿي وڃي.
ياد رهي ته ايران ۾ 28 ڊسمبر 2025 کان ملڪ جي ڪرنسي جي قدر ۾ گهٽتائي، وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي بحران خلاف احتجاج جاري آهي. هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا آهن ۽ احتجاج جو سلسلو هر گذرندڙ ڏينهن سان هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين پکڙجي رهيو آهي.
ملڪ جي 31 صوبن ۽ ڪيترن ئي شهرن ۾ ٿيندڙ پرتشدد مظاهرن ۾ هلاڪتن جو انگ 50 تائين پهچي ويو آهي، جن ۾ سيڪيورٽي اهلڪار به شامل آهن.

