ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) خيبرپختونخوا جي وزيراعليٰ محمد سهيل آفريدي نمائش چورنگي تي جلسي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته اسان ڪنهن کي به اجازت نه ڏينداسين ته هو عمران خان کي بنا جواز جيل ۾ رکي. هن ڪارڪنن کي احتجاج لاءِ تيار رهڻ جي هدايت ڪندي واضع ڪيو ته عمران خان جيڪو حڪم ڏيندو، اسان ساڳيو عمل ڪنداسين.
وزيراعليٰ سهيل آفريدي چيو ته پنجاب ۾ حڪومت اسان سان سٺو سلوڪ نه ڪيو، ساڳي طرح سنڌ ۾ به صوبائي حڪومت جو رويو مناسب نه رهيو، هاڻي ايندڙ مرحلو خيبرپختونخوا ۾ ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته اسٽريٽ موومينٽ ذريعي عمران خان جو پيغام ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچايو ويندو. سهيل آفريدي سنڌ جي عوام ۽ خاص طور تي ڪراچي جي ماڻهن جو دل سان شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته عوام ٻاهر نڪري ثابت ڪيو آهي ته قوم عمران خان سان گڏ بيٺل آهي.
هن چيو ته جيڪي سمجهي رهيا هئا ته عمران خان جي سياست ختم ٿي ويندي، اهي اڄ اچي ڏسن. جنهن ڏينهن عمران خان پيغام ڏيندو، عوام تيار هوندي ۽ ٻاهر نڪرندي. ڪراچي جي عوام ثابت ڪيو آهي ته بنا سهولتن جي به جلسو ڪامياب ٿي سگهي ٿو.
سهيل آفريدي چيو ته سنڌ حڪومت رڪاوٽون وڌيون، پر عوام سڀ رڪاوٽون هٽائي جلسي کي ڪامياب بڻايو. لکين ماڻهن جي موجودگي ۽ ڪراچي جي عوام ثابت ڪيو آهي ته شهر جي نمائنده جماعت پي ٽي آءِ آهي. هن الزام لڳايو ته جيڪي پاڻ کي جمهوريت جا دعويدار چوندا هئا، اهي جمهوريت پسند نه نڪتا. سنڌ حڪومت سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جي بي حرمتي ڪئي آهي، عوام انهن کي معاف نه ڪندو.
وزيراعليٰ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي گڏجي آئين جو ڍانچو تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي ڊڪٽيٽرشپ قائم آهي. هن وڌيڪ چيو ته عوام ڊي چوڪ وڃڻ لاءِ تيار آهي ۽ عمران خان جي سڏ جو انتظار ڪري رهيو آهي. عوام کي تيار رهڻو آهي ۽ ساڳيو جذبو برقرار رکڻو آهي. اسان ڪنهن کي به اجازت نه ڏينداسين ته هو اسان جا حق ختم ڪري.
سهيل آفريدي چيو ته اسان ڪنهن کي به اجازت نه ڏينداسين ته قوم جي ليڊر کي بنا جواز جيل ۾ رکي. جڏهن به عمران خان حڪم ڏيندو، اسان ساڳيو عمل ڪنداسين. هن چيو ته سنڌ ۾ ٿيل فسطائيت هميشه ياد رهندي، اسان جو رستو روڪي نٿو سگهجي.

