واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ وڌندڙ تڪرار دوران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان لاڳاپا رکڻ وارن ملڪن خلاف سخت معاشي قدم کڻڻ جو اعلان ڪيو آهي.
آمريڪي صدر موجب ايران سان واپار ڪندڙ ڪنهن به ملڪ کي آمريڪا سان ٿيندڙ سڀني واپاري سرگرمين تي 25 سيڪڙو اضافي ٽيرف ادا ڪرڻو پوندو.
صدر ٽرمپ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ واضح ڪيو ته هي فيصلو فوري طور تي لاڳو ٿيندو ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي نرمي نه ڪئي ويندي.
هن جو چوڻ هو ته جيڪي ملڪ ايران سان ڪاروباري لاڳاپا برقرار رکندا، انهن کي آمريڪي منڊي ۾ اضافي مالي بار لاءِ پاڻ کي تيار رکڻو پوندو.
ذريعن موجب هي اعلان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن ايران ۾ حڪومت مخالف مظاهرا شدت اختيار ڪري چڪا آهن ۽ سيڪيورٽي فورسز جي ڪڙڪي تي عالمي سطح تي ڳڻتي ظاهر ڪئي پئي وڃي.
آمريڪي انساني حقن جي تنظيمن جو دعويٰ آهي ته گذريل ٻن هفتن دوران ٿيندڙ احتجاجي مظاهرن ۾ 648 ماڻهو حياتي وڃائي چڪا آهن.
صدر ٽرمپ ان کان اڳ به ايراني حڪومت کي خبردار ڪري چڪا آهن ته مظاهرين خلاف طاقت جي استعمال جا سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا.
تازه بيان ۾ هن اهو به عنديو ڏنو آهي ته آمريڪا ايران خلاف مختلف امڪانن تي غور ڪري رهيو آهي، جن ۾ فوجي ڪارروائي جو آپشن به شامل آهي.

